Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain
سال ٿيڻ وارا آهن، هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته بني اسرائيل جي آزادي ۾ ۽ پاڪستان جي آزادي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، بني اسرائيل کي فِرعَون کان آزاد ڪرائڻ وارا الله پاڪ جا نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام هئا ۽ پاڪستان جي آزادي جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ وارا نبي نه هئا بلڪه نبين سڳورن عَلَيهمُ السَّلَام جا غُلام ۽ امامُ الانبيا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مڃڻ وارا هئا، ڪو به غيرِ نبي هر گز هرگز نبي جي برابر نٿو ٿي سگھي، ان جي لاءِ بني اسرائيل جي آزادي ۾ ۽ پاڪستان جي آزادي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي پر بني اسرائيل جي آزادي ۾، آزادي کان بعد انهن جي ڪردار ۾ اسان جي لاءِ عِبرت ۽ نصيحت آهي، هن مان اسان کي خبر پوي ٿي ته آزادي ڇا آهي؟ آزادي ملڻ تي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ آزادي ملڻ کان پوءِ زِندگي جو انداز ڪيئن هئڻ گھرجي؟
ٿورو پاڪستان جي آزادي جي تاريخ تي نظر وجھو! 1857ء ۾ آزادي جي لاءِ پهرين اجتماعي ۽ مُنَظَّم ڪوشش ڪئي وئي، ان آزادي جي لاءِ سڀ کان پهريان جن آواز اٿاريو اهو تمام وڏو عاشق رسول، ماهر عالمِ دين حضرت عَلَّامه فَضلِ حق خير آبادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هو، عَلَّامه فضل حق خير آبادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪافِرن جي خِلاف هڪ فتويٰ لکي، بَرِّ صَغِير (ننڍي کنڊ) جي وڏن وڏن عالم سڳورن ان فتوي جي تصديق ۽ تائيد ڪئي، سيدي اعليٰ حضرت، امام اهلسنت، امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان وقت دُنيا ۾ اچي چڪا هئا، اعليٰ حضرت جي وِلادت 1856ء ۾ ٿي ۽ آزادي جي اها پهرين ڪوشش 1857ء ۾ ڪئي وئي، يعني ان وقت اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ هڪ سال هئي، اعليٰ حضرت جي ڏاڏا سائين حضرت مولانا مفتي رضا علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ سندن والدِ محترم مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان فتوي جي تائيد ڪئي۔([1])