Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat
ته هتي به نه آهن، ديدارِ حبيب جا جام ته هتي به نٿا ملن، يادِ مصطفيٰ ته هتي به تڙپائي ٿي۔
حکیماں طبیباں دے وَسْ دِی اے گل نئیں مرے رَوْگ دا ہَوْر کِدھرے وِی حل نئیں
تُوں آجا وِکھا جا اَو صُورت پیاری میں مُکْدِی مُکاواں تُو جِتیَوں میں ہاری
حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه ملڪ شام ۾ آهن، يادِ مصطفيٰ ۾ تڙپي رهيا آهن، هجر و فراق ۾ دل هتي به بيقرار ۽ ماندي آهي۔ الله! الله! ڏينهن ڪيئن گذرندا هوندا، راتيون ڪيئن گذرنديون هونديون...؟
وہ آ رہے ہیں، وہ آتے ہیں، آرہے ہوں گے شَبِ فراق یہ کہہ کر گزار دی ہم نے
پهريان جڏهن رات جو سمهندا هئا، هڪ آس هوندي هئي، هڪ اُمِّيد هوندي هئي، صبح اُٿڻو آهي، مسجد نبوي شريف ۾ حاضِر ٿيڻو آهي، اذان ڏيڻي آهي، پوءِ محبوب آقا، پيارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايندا، ديدار جو جام پيئاريندا، هاڻي ته اها آس به ختم ٿي وئي آهي، پهريان جڏهن دِل چاهيندي هئي ته بارگاھ ۾ حاضر ٿي لَذَّتِ ديدار سان هنياءُ ٿڌو ڪري وٺندا هئا، افسوس! هاڻي وڃون ته ڪيڏانهن وڃون، هاڻي محبوب کي ڪٿي تلاش ڪجي۔
سَر تَو سَر جان سے جانے کی مجھے حسرت ہے موت نے ہائے مجھے جان سے جانے نہ دیا
کبھی بیمارِ محبت بھی ہوئے ہیں اچھے روز اَفْزُوں ہے مرض، کام دوا نے نہ دیا
حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه فراقِ رسول ۾ زِندگي گذاري رهيا آهن، هاڻي بَس هڪ ئي صُورت باقي آهي، ڏُک دَرد مٽائڻ وارا آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪم از ڪم خواب ۾ ئي اچي پنهنجو جَلوو ڏيکارين....
بہرِ دیدار مشتاق ہے ہر نظر، دونوں عالم کے سرکار آجائیے
چاندنی رات ہے اور پچھلا پہر، دونوں عالم کے سرکار آجائیے