Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

میرے گلشن کو اک بار مہکائیے، اپنے جلووں کی بارش میں نہلائیے

دیدۂ شوق کو کیجئے بہرہ وَر، دونوں عالم کے سرکار آجائیے

 هڪ رات جڏهن حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه آرام فرما هئا، ان رات به ننڊ خبر ناهي ڪيئن آئي هوندي، نه ته محسوس اهو ئي ٿئي ٿو ته حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه يادِ مصطفيٰ جا ڏيئا ٻاري راتيون گذاريندا هوندا، دِل چوي ٿي ته شايد اُن رات به حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه بستر تي ليٽي يادِ مصطفيٰ ۾ مَصرُوف رهيا هوندا، ڪڏهن مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري مُرڪ کي ياد ڪري مرڪي پيا هوندا، ڪڏهن هجر ۽ فراق کي ڏسي روئي پيا هوندا، پوءِ خبر ناهي ڪڏهن اک لڳي هوندي۔

خالِدؔ میں صِرْف اتنا کہوں گا، جاگ اُٹھا اشکوں کا مقدر                              عِشْقِ نبی میں روتے روتے کیسی کٹی ہے رات نہ پوچھو

          حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جون اکيون بند ٿيون، قِسمت جاڳي پئي، دِل جا سلطان، محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي عاشِق کي ديدار ڪرائڻ جي لاءِ خواب ۾ تشريف وٺي آيا۔

پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ اچي فرمايائون: مَا ہٰذِہِ الْجَفْوَۃُ یَابِلَالُ! اي بِلال...! اها ڪهڙي بي وَفائي آهي؟ توهان اسان جي زيارت جي لاءِ اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي...؟

مت دیکھ کہ پھرتا ہوں ترے ہجر میں زندہ                      یہ پوچھ کہ جینے میں مزہ ہے کہ نہیں

 الله! الله! پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان ٻڌو، حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي اک کلي پئي، سُواري تيار ڪري سَفَرِ مدينه ڏانهن روانا ٿي ويا۔

اللہُ اَکْبَر! هڪ عاشِقِ رَسُول مديني جي سَفَر ڏانهن آهن، مڪي آقا، مدني