Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

پنهنجو چهرو مزارِ پاڪ جي خاڪ تي مَلڻ لڳا ۽ گڏوگڏ روئيندا رهيا ڄڻ اهو عرض ڪري رهيا هئا:

اُٹھا دو پردہ، دکھا دو چہرہ کہ نُورِ باری حجاب میں ہے                              زمانہ تاریک ہو رہا ہے کہ مہر کب سے نقاب میں ہے

 مديني وارن کي حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه جي آمد جي خبر پئجي چڪي هئي، ڪيئي صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضوَان مُؤذِّنِ رَسُول سان ملڻ جي لاءِ حاضِر ٿيا، سلام، دُعا کان بعد سڀني چيو: بِلال! اها اذان جيڪا اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ٻڌائيندو هئين، اڄ وري اها آذان ٻڌايو۔ حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه مَعذَرت ڪئي ته هاڻي اها اذان نه ڏئي سگھندس، پهريان جڏهن آذان ڏيندو هئس، اَشْہَدُ اَنَّ مُحَمَّداً رَسُولُ اللہ چوندو هئس، سامهون وَالضُّحيٰ واري چهري جي زيارت ڪندو هيس، اڄ جڏهن آذان ڏيندس، ديدار کان محروم رهندس ته دِل برداشت نه ڪري سگھندي، افسوس! اڄ مون کي هن فرمائش کان مُعَاف ڪيو! صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان زور ڀريو، حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه انڪار ڪيو، ايتري ۾ پياري آقا، رسولِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ننڍڙا ڏوهٽا امام حَسَن ۽ امام حُسَين رَضِىَ اللّهُ عَنۡهُما آيا، حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه ٻنهي کي سيني سان لڳايو، پيار ڪيو، هاڻي ٻنهي شهزادن چيو: بلال! اسان جي نانا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جيڪا آذان ٻڌائيندو هئين اڄ وري اها آذان ٻيهر ٻڌايو، انهن شهزادن جي ڳالھ ڪيئن ٽاري سگھجي ٿي۔ حضرت بِلال رَضِىَ اللّهُ عَنۡه شهزادن جي حڪم تي ڪنڌ جھڪائي آذان ڏيڻ واري هنڌ اچي ڪنن تي هٿ رکي پُر سَوز آواز ۾ پڙھيائون: اللہُ اَکْبَرُ، اللہُ اَکْبَرُ ۔

 آذان جو اهو پُرسَوز آواز مديني پاڪ ۾ گونجڻ لڳو، مديني پاڪ تي هڪ سڪتو طاري ٿي ويو، ڪُهرام مچي ويو، ماڻهن جا سڏڪا بلند ٿيا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ياد سان دِليون بي تاب ٿي ويون، ننڍڙا ٻار پنهنجي مائرن سان ڀاڪر پائي پڇندا هئا: امڙ سائڻ! حضرت