Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat
ئي ڳالھ هئي: رَبِّیَ اللہ، اللہُ اَحَد، اللہُ اَحَد منهنجو رَبّ الله آهي، الله هڪ آهي، الله هڪ آهي۔ (تاریخ مدینہ دمشق، جلد:10، صفحہ:436و439، خلاصۃً)
ڪافِر ان جي ڳچي ۾ رَسّي وجھي ڇڙواڳ ڇوڪرن جي هٿن ۾ ڏيندا هئا، اهي ان عظيم عاشق رسول کي مَعَاذَ الله! مڪه مڪرمه جي گھٽين ۾ گِهليندا وتندا هئا ۽ ان جي زبان تي پوءِ به هڪ ئي جملو هوندو هو: اللہُ اَحَد، اللہُ اَحَد الله هڪ آهي، الله هڪ آهي۔
پيارا اسلامي ڀائرو! انهن تڪليفن جو حال ٻُڌڻ، پڙھڻ تمام سولو آهي، همَّت ته انهن جي آهي جيڪي اهي تڪليفون برداشت ڪري رهيا هئا، افسوس! اسان آرام ۾ آهيون، ڪو اسان کي ستائي نٿو، کاڌو ملي پيو، پاڻي ملي پيو، بجلي لڳل آهي، پکا، A.C هلن پيا، ڪمايون پيا، کائون پيا، پيئون پيا، آرام سان رهون پيا، ان جي باوُجُود ذِڪرُ الله اسان جي زبان تي نٿو اچي، جيڪر تسبيح هٿ ۾ رکون به سهي ته ٿوري دير ذِڪر ڪري ٿڪجي پوندا آهيون، فرض نمازن ۾ ڪوتاهيون آهن، لکين ڪروڙين مسلمان ته اهي آهن جيڪي نمازون پڙهن ئي نٿا ۽ جيڪي پڙھن به ٿا، انهن جو حال ڏسي وٺو! نماز کان پوءِ ڪجھ منٽ ويهي ذِڪرُ الله ڪرڻ جو وقت ڪڍڻ ڏکيو ٿيندو آهي۔
الله! الله! ذِڪر ته اهو هو، جيڪو اهو عظيم عاشِقِ رسول مڪه مڪرمه جي گهٽين ۾ ڪري رهيو هو۔ خير! ڪيئي ڏينهن تائين معاملو ايئن هلندو رهيو، ڪافِر ظُلم تي ظُلم ڪندا رهيا ۽ اهو عظيم عاشِقِ رسول استقامت جو پهاڙ بڻجي ثابت قدم رهيو۔ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غار مان واپس موٽي اچي چڪا هئا، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به پنهنجي عاشِق کي ان تڪليفن مان گذرندي ڏٺو هو.
افسوس! اُمَّت سان محبت فرمائيندڙ آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ان عاشِقِ رَسُول کي ڏٺو هوندو، دِل مبارڪ تي ڪيترو غم طاري ٿيو