Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

اسان تائين پهچايو آهي۔

اللہُ اَکْبَر! اَبُوجهل به ڪافِر، اُمَّيه بِن خلف به ڪافِر ۽ ٻئي وڏا ظالِم و جابِر، انهن ٻنهن ان عظيم عاشِقِ رسول جو هٿ پڪڙي مڪي پاڪ جي ريگستان ۾ وٺي ويا، عاشِقِ رَسُول کي اِسلام قبول ڪرڻ جي مُقَدَّس جُرم ۾ تپندڙ واريءَ تي ليٽائي ڇڏيو، سيني تي پٿر رکي چيائون: اُکْفُرْبِمُحَمَّدٍ مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِسالت جو انڪار ڪر۔

یہ شہادت گہِ اُلفت میں قدم رکھنا ہے       لوگ آسان سمجھتے ہیں مسلماں ہونا

هڪ پاسي ڪفر آهي، ظُلم آهي، سِتَم آهي ۽ ٻي پاسي عِشقِ رسول آهي، ابوجهل ۽ اُمَّيه بِن خلف جيڪڏهن ڪافِر ۽ ظالِم هئا ته سامهون به استقامت جو پهاڙ هو۔ اَبُوجهل ۽ اُمَيه بن خلف سمجھندا هئا ته ظُلم ۽ سِتَم برداشت نه ڪري عاشِقِ رسول پنهنجي عشق کان پوئتي هٽي ويندو پر انهن کي خبر نه هئي ته

غُلامانِ محمد جان دینے سے نہیں ڈرتے               یہ سَر کٹ جائے یا رِہ جائے پروا نہیں کرتے

اهو عظيم عاشِقِ رسول هڪ گھڙي جي لاءِ به اِيمان کان پوئتي نه هٽيو، ان جي زبان تي صِرف هڪ ئي ڪلمو هو: رَبِّیَ اللہ، اللہُ اَحَد، اللہُ اَحَد منهنجو رَبّ الله آهي، الله هڪ آهي، الله هڪ آهي۔

ابوجهل ۽ اميه بن خلف مختلف حربا آزمائڻ شروع ڪيا، انهن کي تتل واريءَ تي ليٽائي مٿان پٿر رکيا ويا، استقامت جو اهو پهاڙ، اهو عظيم عاشِقِ رسول پنهنجي ارادي تي مضبوط رهيو، ابوجهل ۽ اُمَيه بن خلف ان کي لوهي لباس پارائي تپيل اُس ۾ ڇڏي ڏيندا هئا، اُس جي گرمي سبب لوهي لباس گرم ٿي ويندو هو، ان جي تپش سان جسم مبارڪ سڙي ويندو هو، چرٻي ڳرڻ لڳندي هئي پر قربان وڃجي! ان عظيم عاشقِ رسول جي زبان تي صِرف هڪ