Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

۽ صرف ڪم جي ئي ڳالھ ڪندا هئا * اچڻ وارن کي مَحَبَّت ڏيندا هئا، اهڙي ڪا ڳالهه يا اهڙو ڪو ڪم نه ڪندا هئا جنهن سان نفرت پيدا ٿئي* قوم جي معزز فرد جو احترام فرمائيندا هئا ۽ ان کي قوم جو سردار مقرر فرمائيندا هئا * ماڻهن کي الله پاڪ جي خوف جي تلقين فرمائيندا هئا * مخلوق کي ايذاء پهچائڻ کان پنهنجو پاڻ کي بچائيندا هئا. پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خوش مزاجي ۽ خوش اخلاقي ۾ فرق نه ايندو هو * صحابه ڪرامرضي الله عنهم جي خبر گيري فرمائيندا هئا * ماڻهن جي چڱين ڳالهين جي چڱائي بيان ڪندا هئا ۽ ان جي حوصله افزائي فرمائيندا هئا، بُري شيءِ کي بُرو ٻڌائيندا ۽ ان تي عمل کان روڪيندا هئا * هر معاملي ۾ اِعتدال (يعني وچٿرائي) کان ڪم وٺندا هئا * ماڻهن جي اصلاح کان ڪڏهن به غفلت نه فرمائيندا هئا *پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اٿندي ويهندي ذِڪۡرُ الله ڪندا هئا* جڏهن ڪٿي تشريف وٺي ويندا هئا ته جاٿي جڳھ ملندي هئي اُتي ويهي رهندا هئا ۽ ٻين کي به ان جي تلقين فرمائيندا هئا * پاڻ وٽ ويٺلن جي حقوق جو لحاظ رکندا هئا * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر رهڻ واري هر فرد کي اهو ئي محسوس ٿيندو هو ته سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي سڀني کان وڌيڪ چاهين ٿا * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿي ڪري گفتگو ڪرڻ واري سان گڏ ان وقت تائين تشريف فرما رهندا هئا جيـستائين اهو پاڻ نه هليو وڃي * جڏهن ڪنهن سان مصافحو فرمائيندا (يعني هٿ ملائيندا هئا) ته پنهنجي هٿ هٽائڻ ۾ اڳرائي نه فرمائيندا هئا * سوال ڪرڻ واري کي عطا فرمائيندا هئا * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت ۽ خوش خُلقي هر هڪ جي لاءِ عام هئي * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مجلس علم، حيا، صبر، ۽ امانت جي مجلس هئي * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مجلس ۾ نه شور شرابو هوندو هو نه ڪنهن جي تذليل * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مجلس ۾ ڪنهن کان ڀُل ٿي ويندي هئي ته نه ان کي شهرت ڏني ويندي هئي (يعني ان