Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

جي غلطي کي لڪايو ويندو هو) نه ئي ان جو مذاق اڏايو ويندو هو * جڏهـن ڪنهن جـي طرف متوجهه ٿيـندا هئا تـه مڪمل توجهه فرمائيندا هئا * نگاهون حيا کان جھڪيل رهنديون هيون * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنواري ڇوڪريءَ کان به وڌيڪ حيا وارا هئا * سلام ۾ اڳرائي فرمائيندا هئا * ٻارن کي به سلام ڪندا هئا * جيڪو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سڏيندوهو، جواب ۾ لَبَّيک(يعني مان حاضر آهيان) فرمائيندا ها، * مجلس وارن جي طرف پير  نه ڊگهيڙيندا هئا * اڪثر قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهندا هئا * پنهنجي ذات جي لاءِ ڪڏهن به ڪنهن کان بدلو نه وٺندا هئا * برائي جو بدلو برائيءَ سان ڏيڻ جي بجاءِ معاف فرمائي ڇڏيندا هئا * پنهنجي ذات جي ڪري ڪڏهن ڪنهن کي نه ماريو نه ڪنهن غلام کي ۽ نه ئي ڪنهن عورت (گھر واريءَ کي) ماريو * گفتگو ۾ نرمي هوندي هئي، حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: الله پاڪ جي ويجهو قيامت جي ڏينهن ماڻهن ۾ سڀني کان گھڻو بُرو اهو آهي جنهن کي ان جي بدڪلاميءَ جــي سبب کان ماڻهو ڇڏي ڏين.([1]) * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گفتگو ڪندا ها ته (ايتري قدر آهسته آهسته ڪندا ها جو) لفظن کي ڳڻڻ وارو ڳڻي وٺندو هو، * طبيعت ۾ نرمي هئي ۽ سدا بهار رهندا هئا * ڪڏهن به رڙيون نه ڪندا هئا * سخت گفتگو نه فرمائيندا هئا * ڪنهن کي عيب نه لڳائيندا هئا * بُخۡل نه ڪندا ها * پنهنجي مبارڪ ذات کي بالخصوص ٽن شين کان بچائي رکندا هئا جهڳڙو ڪرڻ، تڪبُّر ۽ غير ضروري شين ۾ پوڻ * ڪنهن جو عيب تلاش نه ڪندا هئا * صـرف اها ئي ڳالھ يا ڪم ڪندا هئا جيڪو باعثِ ثواب هجي * مسافر جي سخت ڪلامي ۽ نامناسب سوالن تي صبر فرمائيندا هئا * نه ڪنهن جي ڳالھ ڪٽيندا هئا نه وچ ۾ ڳالهائيندا هئا، البته جيڪڏهن ڪو فضول ڳالهائيندو هو ته


 

 



[1] احیاء الْعُلوم، ج۲ص۴۵۱