Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

سراپا نور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چوندا: لَبَّيڪ اي ابُوالبَشَر! حضرت سَيدُنا آدمعَلَيۡهِ السَّلام حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي چوندا: اوهان جو اُمَّتِي دَوزَخ ۾ وڃي رهيو آهي۔ اهو ٻڌي پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڏي چُستي سان تيزتيز (قدمن سان) ملائڪن جي پويان ويندا ۽ چوندا: اي منهنجي رَبّ جا ملائڪو! ترسو۔ هو عرض ڪندا: اسان مُقَرَّرڪيل ملائڪ آهيون، جنهن ڪم جو اسان کي الله پاڪ حڪم ڏنو آهي ان جي نافرماني ناهيون ڪندا، اسان اهو ئي ڪندا آهيون جنهن جو اسان کي حڪم مليو آهي۔ جڏهن حُضُوراڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ افسرده ٿيندا ته پنهنجي ڏاڙھي مُبارڪ کي کاٻي هٿ سان پڪڙيندا ۽ عرش ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي چوندا: اي منهنجا پَروَردَگار! ڇا تو مون سان اهو واعدو نه ڪيو آهي ته تون مون کي منهنجي اُمَّت جي باري ۾ رُسوا نه ڪندين۔ عرش تان آواز ايندو: اي ملائڪو! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِطَاعت ڪيو ۽ ان(شخص) کي موٽايو، پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي جھولي مان سفيد ڪاغذ ڪڍندا ۽ ان کي مِيزان جي ساڄي پَلڙي ۾ وجھي چوندا، ”بِسۡمِ الله“ پوءِ اهو نيڪين وارو پلڙو بُرائين واري پَلڙي کان وزني ٿي ويندو۔ آواز ايندو: خوش بَخت آهي، سعادت مند ٿي ويو آهي ۽ ان جو مِيزان ڳرو ٿي ويو آهي۔ ان کي جَنَّت ۾ وٺي وڃو۔ هو ٻانهو عرض ڪندو: اي منهنجي پَروَردَگار جا ملائڪو! ترسو، مان هن نيڪ شخص سان ڳالھ ته ڪيان جيڪو پنهنجي رَبّ وٽ وڏي ڪرامت رکي ٿو۔ پوءِ هو عرض ڪندو: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي فِدا ٿين، اوهان جو چهرو مبارڪ ڪيترو حسِين آهي، ڪيترو خوبصورت آهي، اوهان منهنجي لغزِشن کي مُعاف ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي لڙڪن تي رَحم ڪيو (اوهان ڪير آهيو؟)۔‘‘ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمائيندا، مان تنهنجو نبي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهيان ۽ هي تنهنجو اهو دُرُود آهي جيڪو تون مون تي موڪليندو هئين ۽ مون تنهنجون اهي تمام حاجتون پُوريون ڪري ڇڏيون جن جو تون مُحتاج هئين۔‘‘[1]


 

 



[1]   موسوعۃ ابن ابی الدنیا فی حسن الظن باللّٰہ۱/۹۱حدیث:۷۹