Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

باري ۾ غور ڪري ته منهنجي دِل ۾ قرآنِ ڪريم جي ڪيتري محبت آهي؟ اهو اسان جو حق بڻجي ٿو، اسان پنهنجو پاڻ کان پڇون ته ڪيترا ڏينهن ٿي چڪا آهن قرآنِ ڪريم کولي ڏسندي، اهو قرآن، اهو الله پاڪ جو پاڪيزه ڪلام، جيڪو الله پاڪ اسان جي هدايت جي لاءِ نازِل فرمايو، اهو قرآن جيڪو شِفَا آهي، اهو قرآن جيڪو جسماني بيمارين جي لاءِ به شِفَا آهي، جيڪو باطني بيمارين جي لاءِ به شِفَا آهي، اهو قرآن جنهن ۾ اسان جي رَبّ اسان جي لاءِ زِندگي جا اُصُول بيان فرمايا آهن، اسان هن قرآنِ ڪريم کي، هن پاڪيزه ڪلامِ اِلٰهي کي ڪيترو پڙھون ٿا، هن کي سمجھڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪيون ٿا۔

جيڪڏهن موٽر سائيڪل هلائي رهيا هجون، موبائل جي گھنٽي وڄي، ڪنهن جو ميسج اچي ته دِل ۾ هڪ هلچل مچي ويندي آهي، نماز پڙهي رهيا هجون، موبائل جي گھنٽي وڄي يا جنبش (Vibration) محسوس ٿئي ته نماز کان ڌيان هٽي ويندو آهي ته خبر ناهي ڪنهن جو ميسج هوندو، خبر ناهي ڇا چيو هوندئين، خبر ناهي ڪنهن جي فون اچي رهي آهي، فارِغ ٿي يڪدم موبائل ڏسندا آهيون، نماز ۾ جيڪڏهن گھنٽي وڄي ته بَس سلام ڦيرڻ جي دير ٿيندي آهي، بعض ته دُعا گھرڻ جيترو به صبر ناهن ڪندا، پهريان موبائل ڏسندا آهن۔ افسوس! اهو قرآن اسان جي رَبّ جو ڪلام آهي، هن ۾ اسان جي لاءِ هدايت آهي، هن ۾ اسان جي لاءِ روشني آهي، هن ۾ اسان جي لاءِ نور آهي، هن ۾ اسان جي مسئلن جو حَل آهي، هن ۾ اسان جي پريشانين جو حل آهي، هن ۾ اسان جي مُعَاشِي مُعَاملات جو حل آهي، هن ۾ گھر جنّت جو گهوارو بنائڻ جا اُصُول آهن، هن ۾ زِندگي خوب صُورت بنائڻ جي طريقن جو بيان آهي، افسوس! افسوس! هن پاڪيزه ڪلام کي پڙهڻ جي لاءِ اسان جي دِل بي چين ناهي ٿيندي، هن کي سمجھڻ جي لاءِ اسان بيتاب نٿا ٿيون۔ ڪاش! اسان کي به قرآنِ ڪريم جي محبت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به قرآنِ ڪريم جي تلاوت