Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

اها آيت سڳوري ٻُڌي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه هن ۾ غور ڪرڻ لڳا، پوءِ ان شخص کي مُعَاف ڪري ڇڏيائون۔([1])

خدا کے فَضل سے میں ہوں گدا فاروقِ اعظم کا       خُدا ان کا محمد مُصطَفٰے فاروقِ اعظم کا

رہے تیری عطا سے یاخدا! تیری عنایت سے                      ہمارے ہاتھ میں دامن سدا فاروق اعظم کا([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نمازِ  فجر  ۾ زار و قطار  روئڻ لڳا (حڪايت)

حضرت عبد الله بن شَدَّاد رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه فجر جي نماز پڙھي رهيا هئا، نماز ۾ سُوره يوسُف جي تِلاوت شروع ڪيائون، پڙھندي پڙھندي سوره يوسُف جي آيت نمبر: 84 تي پهتا، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ تَوَلّٰى عَنْهُمْ وَ قَالَ یٰۤاَسَفٰى عَلٰى یُوْسُفَ وَ ابْیَضَّتْ عَیْنٰهُ مِنَ الْحُزْنِ فَهُوَ كَظِیْمٌ(۸۴) (پاره12،سورۂ يوسف:84)

ترجموڪنزالايمان: ۽ انهن کان منهن موڙيائين ۽ چيائين هاءِ افسوس يوسف جي جدائي تي ۽ ان جو اکيون غم کان سفيد ٿي ويون ۽ اهو ڪاوڙ کائيندو رهيو.

جڏهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه اها آيت سڳوري پڙهي ته زارو قطار روئڻ لڳا، روئيندا رهيا، روئيندا رهيا، پوءِ ڪافِي دير بعد رڪوع


 

 



[1]...الزواجر عن اقتراف الکبائر، الکبیرۃ الثالثۃ، جلد:1، صفحہ:107۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:526۔