Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو مختصر تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي نصيحت مُطَابق اڄ اسان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو ذِڪرِ خير ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔ * حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه اعلي رُتبي وارا صحابيء رسول بلڪه مُرادِ رَسُول آهن، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کين الله پاڪ کان گھري ورتو هو يعني رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا فرمائي، جنهن جي نتيجي ۾ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسلام قبول ڪيو هو۔

رسول اللہ نے فاروق کو اللہ سے مانگا        عطاءِ رَبِّ سُبْحَاں حضرتِ فاروق اعظم ہیں

چُنا اس پاک نے دیں کے لئے اس پاک ستھرے کو                          حبیبِ دِین داراں حضرتِ فاروق اعظم ہیں

 * حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اسلام قبول ڪرڻ سان اسلام جي عزت ۽ غلبي ۾ وڌيڪ اِضافو ٿيو، مسلمانن کي حوصلو مليو * حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي قبولِ اسلام کان بعد ئي مسلمانن حرمِ پاڪ ۾ اعلانيه نماز ادا ڪئي * رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي پنهنجو وزير فرمايو * اسلام جي تمام اَهم منصوبه بندين ۾ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله پاڪ جي حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا خاص مُشِير رهيا * سڄي زِندگي حُضُور جانِ ڪائنات، فخر موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ گذاريائون * پهرين خليفي حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي وفات کان پوءِ 12 سالن تائين مسلمانن جا خليفه ۽ اَمِيرُ المُؤمِنِين رهيا۔

پسِ صدیق اکبر مصطفےٰ کے سب صحابہ میں           ہے بےشک سب سے اُونچا مرتبہ فاروقِ اعظم کا([1])


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:526۔