Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

مشڪل وقت ۾ هڪ شخصيت ميدان ۾ هئي ۽ اها هئي: اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔ تحريڪِ خِلافت هلي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه”دَوَامُ العَيش“ نالي رسالو لکي مسلمانن جي رهنمائي فرمائي، تحريڪ ترڪ موالات هلائي وئي ته اعليٰ حضرت رسالو لکيو: نَابِغُ النُّور۔ ان ۾ ڪافِرن جي وڇايل ڄار کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تحريڪ هجرت هلائي وئي ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه رسالو لکيو: اِعلَامُ الاَعلام۔ هن رسالي ڪافِرن جي سازش کي چڱي طرح ظاهر ڪري ڇڏيو، اهي ٽئي رسالا اڄ به فتاويٰ رضويه شريف جي جلد: 14 ۾ موجود آهن۔

جيڪي ڪافِر قرآن ۽ سُنَّت تي اعتراض ڪري مسلمانن جو ايمان ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا هئا، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي بهترين جواب ڏنا، ڪافِرن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بي عيب ذات ۾ مَعَاذَ الله! عيب ڪڍڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي ناموسِ رسول تي، پنهنجي آقا ۽ موليٰ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عزَّت تي پهرو ڏنائون۔ ڪافِرن مسلمانن جي معيشت تي حملو ڪيو، اعليٰ حضرت ان جو رَدّ ڪيو، ڪافِرن مسلمانن جي تعليمي ادارا، اسڪول، ڪاليج وغيره بند ڪرايا ۽ اهي به پاڻ بند نه ڪيائون بلڪه قرآنِ ڪريم بابت غلط تفسير ڪيا ويا، قرآني آيتن جي معنيٰ بدلي مسلمانن کي پڙھايا ويا، مسلمانن جو ذهن بڻايو ته قرآنِ ڪريم هن وقت توهان کي توهان جا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو، توهان جي ڪاروبار بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو، ان ڪري توهان هن تي عمل ڪيو۔ ان وقت سڄي ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جا ڪجھ ئي اسڪول ۽ ڪاليج هئا، انهن کي به بند ڪيو پئي ويو ته ڊاڪٽر اقبال ان جي شديد مخالفت ڪئي ۽ لاهور جي اسلاميه ڪاليج جي هڪ استاد جي ذريعي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان هن باري ۾ فتويٰ پڇي وئي، اعليٰ