Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

اهو ته اُلٽو نفس ۽ شيطان جي غُلامي آهي۔ شيطان سڀ کان وڏو ڪافِر آهي، ڪافِرن جي حڪومت کان آزادي ملي، پر پاڻ کي سڀ کان وڏي ڪافِر يعني شيطان جي غُلامي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هن غُلامي جو نالو آزادي رکي ڇڏيو، ڇا اها آزادي آهي؟ نه اها اَصل ۾ غُلامي آهي۔

هيءَ ڳالھ هميشه جي لاءِ ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو، آزادي صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي بندگي سان ۽ اِطَاعتِ مصطفيٰ سان ملي ٿي۔ ان جي بغير دُنيا ۾ ڪٿي آزادي نه ملندي، جيڪو دُنيا جي پويان ڀڄندو آهي، اهو دُنيا جو غُلام۔ جيڪو مال جي پويان ڀڄندو آهي، اهو مال جو غُلام۔ جيڪو حُسن جو شيدائي آهي، اهو حُسن جو غُلام۔ جيڪو مقام ۽ مرتبي جي پويان، منصب ۽ عهدي جي پويان ڀڄندو آهي، اهو منصب جو، عهدي ۽ مقام ۽ مرتبي جو غُلام آهي۔ ۽ جيڪو سڀ ڪجھ ڇڏي صِرف الله پاڪ جي بندگي، اُن جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانبرداري ڪري ٿو اهو هر جھنجٽ کان آزاد ٿي ويندو آهي۔ ڊاڪٽر اِقبال چيو آهي:

دَرْ اِطَاعت کَوْش اَے غَفْلَت شِعَار                                                                           مِیْ شَوَد اَز جَبْر پَیْدا اِخْتِیَار([1])

اي غافِل! اطاعت ۾ خوب ڪوشش ڪر جو نفس کي قابُو ڪرڻ کان ئي آزادي ملندي آهي۔

حضرت حبيب راعِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تابعي بزرگ آهن، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنه جي صحبت ۾ رهيا، حضرت حبيب راعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻڪريون پاليون هيون، انهن کي ڪاهي درياءِ فرات جي ڪناري تشريف وٺي ويندا هئا، اتي الله پاڪ جي عبادت ڪندا هئا، داتا گنج بخش رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪتاب”ڪشف الۡمَحۡجُوب“ ۾ لکن ٿا: هڪ ڏينهن هڪ شخص درياءِ فرات جي ويجھو کان لنگھيو، ان ڏٺو ته حضرت حبيب راعِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز پڙھي رهيا آهن ۽ بگھڙ ٻڪرين جي رکوالي ڪري رهيو


 

 



[1]...کلیاتِ اقبال فارسی، اسرارِ خودی، مرحلہ اول:درطاعت، صفحہ:57۔