Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat
خُوش نصيب غُلام جيڪو غُلاميءِ مصطفيٰ ۾ اچي اسان غُلامن جي سرداري جو تاج مٿي تي سجائي چڪو هو، جڏهن هو پنهنجي دُنياوي مالِڪ جي گھر پهتو ته هڪ عجيب ڳالھ ڏسڻ لاءِ ملي، ٻڪريون ته پهريان به چاريندو هو پر اڄ اهي ٻڪريون مصطفيٰ ڪريم جي چهري جي زيارت ڪري آيون هيون، اڄ انهن ٻڪرين کي خدمتِ مصطفيٰ جو شرف نصيب ٿيو هو، ان ڪري حيرت انگيز طَور تي اڄ ٻڪرين جو کير پهريان کان ڪيئي ڀيرا وڌي ويو هو۔ ٻڪرين جي مالِڪ ۽ گھر وارن جڏهن کير جي اها زيادتي ڏٺي ته غُلام کي چوڻ لڳا: اي غُلام! لڳي ٿو اڄ تو سٺي چراگاھ ۾ ٻڪريون چارڻ ويو هئين، آئنده اتي ئي ٻڪريون چاريندو ڪر۔
عاشِق کي ٻيو ڇا کپي...؟ محبوب جو ديدار۔ دِل اها چوي ٿي ته: اهو غُلام جيڪو اڄ چهرهءِ مصطفيٰ جي زيارت ڪري آيو هو، ان جي دِل ته اڳ ۾ ئي تڙپي رهي هوندي، اهو ته پهريان اهو چاهيندو هوندو ته ديدارِ مصطفيٰ جو ٻيهر ڪو موقعو ملي وڃي. سُبْحٰنَ اللہ! محبوبِ خُدا، سردارِ انبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي معجزن بهانو به بڻائي ڇڏيو۔
ايئن لڳي ٿو ته پنهنجي ” مالِڪ“ جي اها ڳالھ ٻُڌي ان عظيم عاشِقِ رسول جي دِل ماندي ٿي وئي هوندي، صبح ٿيڻ جو انتظار شروع ٿي ويو هوندو، هو سوچيندو رهيو هوندو ته ڪڏهن صبح ٿيندو، ڪڏهن مان ٻيهر چهرهءِ مصطفيٰ جي زيارت جو شرف حاصِل ڪندس، ان اها رات ڪيئن گذاري هوندي...! انتظار جون راتيون هونئن ئي تمام گھڻيون ڊگهيون هونديون.
شبِ ہجر کی درازی کوئی اُن سے جا کے پوچھے تیری راہ تکتے تکتے جنہیں صبح ہو گئی ہے
شايد اهو عاشِقِ رسول سڄي رات يادِ مصطفيٰ ۾ تڙپندو رهيو هوندو، شايد سڄي رات ننڊ به نه آئي هوندي۔ ڪڏهن مصطفيٰ ڪريم جو چهرو اکين جي سامهون ايندو هوندو، ڪڏهن مصطفيٰ، جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڳالهين جي