Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat
خوشبو محسوس ڪندو هوندو، ڪڏهن پنهنجو ڪلمو پڙھڻ ياد ايندو هوندو ته پنهنجي نصيب جي معراج تي خوش ٿيندو هوندو۔ خبر ناهي اها رات ڪيئن ڪٽي هوندي...؟
شبِ ہجر یُوں دِل کو بہلا رہے ہیں کہ دِن بھر کی بیتی کو دُہرا رہے ہیں
رات جيئن تئين گذري وئي، صبح ٿيو ته آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سچو غُلام ٻڪرين ساڻ غار جي ويجھو پهچي ويو، محبوبِ ذِي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ کير پيش ڪيو، مصطفيٰ ڪريم جي چهري جي زيارت ڪندو رهيو، دِين جون ڳالهيون سکندو رهيو، شام ٿي، گھر واپس موٽيو، پوءِ اڳئين صبح جو انتظار آهي۔
شربتِ دِید نے اور آگ لگا دِی دِل میں تپشِ دِل کو بڑھایا ہے بجھانے نہ دیا
اب کہاں جائے گا نقشہ ترا میرے دِل سے تِہ میں رکھا ہے، اسے دِل نے گمانے نہ دیا
ٻي رات به جيئن ڪٽي تئين ڪٽي، صبح جو ٻيهر حاضِر ٿيو۔ ٽي ڏينهن ته ايئن آرام سان گذري ويا پر عشق ۽ اهو به عشقِ مصطفيٰ ڪا آسان ڳالھ نه آهي، عشق امتحان وٺندو آهي، عشق ۾ عاشق جي پَرَک ڪئي ويندي آهي، ان عظيم عاشِقِ رسول جو به اڃا امتحان ٿيڻو هو، ٽي ڏينهن آرام سان گذريا، محبوب جي خِدمت ۾ حاضِري جو سلسلو رهيو، چوٿين ڏينهن کان محبوب جو اهو وَصل هجر و فراق ۾ تبديل ٿي ويو، اِيمان آڻڻ جي چوٿين ڏينهن کان امتحان شروع ٿيو۔ مُعَاملو اهو ٿيو جو مڪي جو فِرعَون يعني ابوجهل هڪ ڏينهن عبد الله بِن جُدعان (يعني عاشِقِ رسول غُلام جي دُنياوي مالِڪ) جي گهٽي مان لنگھيو، ان ٻڪرين کي ڏٺو ته حيران ٿي چيائين: ڏاڍيون صحت مند ٻڪريون آهن، کير به گھڻو آهي...! عبد الله بِن جُدعان چيو: پهريان ائين نه هو۔ ٽي ڏينهن ٿيا آهن، ٻڪرين جو کير حيرت انگيز طَور تي وڌي ويو آهي۔