Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

روايت جا الفاظ آهن، ابو جهل اها ڳالھ ٻُڌي ته يڪدم چيائين: مان قسم کڻي چوان ٿو! توهان جو غُلام جيڪو ٻڪريون چاري ٿو، ان کي خبر آهي ته مُحَمَّد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ڪٿي آهن۔ مطلب اهو هو ته اوچتو ٻڪرين جو کير وڌي وڃڻ جي هڪ ئي صُورت آهي، اها هي ته اهي ٻڪريون مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي چڪيون آهن۔

اندازو ڪيو! اَبُوجهل بدبخت کي ڪيترو يقين هو، ابوجهل کي خبر هئي ته اوچتو ٻڪرين جو کير وڌي وڃڻ، اهو ڪو معجزو آهي ۽ صِرف هڪ ئي آهي جيڪو اهو معجزو ڏيکاري سگھي ٿو ۽ اهو آهي: مُحَمَّد بِن عبد الله (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ )۔ پيارا اسلامي ڀائرو! اَبُوجهل جي بدبختي، ضِد ۽ هٺ ڌرمي ڏسو! ايترو يقين هئڻ جي باوُجُود به ان بدبخت ڪلمو نه پڙھيو۔

خير! عبد الله بن جُدعان به ڪافِر هو، ان ابوجهل جي ڳالھ ٻُڌي ته عاشقِ رسول غُلام کي غار جي ويجهو ٻڪريون چارڻ کان منع ڪري ڇڏيو۔ غُلام هو، ڳالھ مڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو، نه چاهيندي به ڳالھ مڃڻي ئي پئي، هاڻي شفيق و مهربان آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان جُدائي شروع ٿي۔

ہم کہاں اور تم کہاں جاناں                                  ہیں کئی ہجر درمیاں جاناں

 هڪ سچي عاشِق رسول جي سامهون وڇوڙي ۽ ڏک جون ديوارون اڳيان  اچي ويون، پهريان سڄو ڏينهن ديدار جا جام پي ايندا هئا، رات گذارڻ مشڪل ٿي ويندو هو، پر اُميد هوندي هئي ته صبح ٿيندي، وري حاضِر ٿيندس، پوءِ شربتِ ديدار سان اکيون ٿڌيون ڪندس، پر افسوس! هاڻي ته فِي الحال اها اُميد به ختم ٿي وئي۔

کسی کے ہجر میں جینا محال ہو گیا ہے                          کسے بتائیں ہمارا جو حال ہو گیا ہے