Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

پيروي ڪندي نمازون ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. البت حضور پرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قلبِ اطهر جي خواهش هئي ته خانه ڪعبه کي  مسلمانن جو قبلو بنايو وڃي. ته هڪ ڏينهن نماز جي حالت ۾ حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  هن اميد سان هر هر آسمان جي طرف ڏسي رهيا هئا ته قبلي جي تبديلي جو حڪم اچي، ان تي نماز جي دوران هي آيتِ ڪريمه نازل ٿئي جنهن ۾ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا کي رضاءِ اِلهي قرار ڏيندي ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهرهءِ انور جي حسين انداز کي قرآن ۾ بيان ڪندي پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خواهش ۽ خوشي جي مطابق ڪعبي شريف کي قبلو بڻايو ويو. پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  نماز ئي جي حالت ۾ خانه ڪعبه جي طرف ڦريا، مسلمان به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ انهيءَ طرف منهن ڪيو ۽ ظهر جون ٻه رڪعتون بيت المقدس جي طرف ٿيون ۽ ٻه رڪعتون خانه ڪعبه جي طرف منهن ڪري ادا ڪيون ويون۔ تفسیر صراط الجنان، ۱/۲۳۳ملتقطاً)

 اها آيتِ ڪريمه جيڪا نازل ٿي اها هي آهي:

قَدْ نَرٰى تَقَلُّبَ وَجْهِكَ فِی السَّمَآءِۚ-فَلَنُوَلِّیَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضٰىهَا۪-فَوَلِّ وَجْهَكَ شَطْرَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِؕ-وَ حَیْثُ مَا كُنْتُمْ فَوَلُّوْا وُجُوْهَكُمْ شَطْرَهٗؕ-

ترجمو ڪنزالايمان: اسان توهان جو هرهر آسمان ڏانهن منهن ڪرڻ ڏسي رهيا آهيون، پوءِ جنهن قبلي ۾ توهان راضي هجو (اوڏانهن) ضرور اوهان کي ڦيرائينداسين، هاڻي ئي تعظيم واري مسجد جي طرف پنهنجو منهن ڦيرايو ۽ (اي مسلمانو!) اوهان ڪٿي به هجو پنهنجا منهن اوڏانهن ڦيرايو. (پ:2،البقرة:144)    

مفتي احمديارخان نعيميرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان جيڪي نڪتا بيان ڪيا آهن، اچو انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿا:

1۔   هن واقعي مان معلوم ٿيو ته تمام ماڻهو قانون جا پابند هوندا آهن ۽ قانون محبوب جي مرضي جو منتظر آهي