Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِ نَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰی اٰلِہٖ وَسَلِّمْ
حضرتِ سَيِّدُنا انس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ مدينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شَخص هي دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو تو ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([1])
صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ
جيڪو هي دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([2])
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ
حضرت اَحمد صاوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([3])
(5) قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ کَمَا تُحِبُّ وَ تَرضٰی لَہٗ
هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِي اللّٰہُ عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرامرَضِي اللّٰہُ عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهڙي مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ