Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai
ڪڏهن لذيذ ۽ پُرتڪلف کاڌن جي خواهش نه ڪئي. * رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مال ۽ دولت جي خواهش ڪونه رکندا هئا.
پيارا اسلامي ڀائرو! سنت مصطفيٰ تي عمل ڪيو، قناعت اختيار ڪيو. * قناعت ايمان جو ڪمال آهي، اسلام جو حسن آهي. * قناعت ڪرڻ وارو پاڻ کي دنيا کان بچائي ٿو، آخرت جي راھ تي هلندو آهي. * قناعت ڪرڻ وارو الله پاڪ جو محبوب آهي. * قناعت ڪرڻ واري کان ماڻهو به محبت ڪندا آهن. (نضرۃ النعیم، جلد:8، صفحہ:3175). * امام شافعي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: قناعت مالداري جي اصل آهي.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِالنَّبِیِّ الْاُمِّیِّ
الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ
بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])