Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

اهي  بدمعاش  به هئا جن سالن تائين پنهنجي بُهتانن ۽ شرمناڪ گارين سان پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبَارَڪ دل کي زَخمي ڪري چڪا هئا. اهي سَفّاڪ ۽ دَرِنده صِفَت به هئا، جن سندن ڳچي ۾ چادر جو ڦاهو وجھي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گلو گھٽي چڪا هئا۔ اهي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُون جا پياسا به هئا، جن جي اُڃ نُـبُوَّت جي رت کان سواءِ ڪنهن شيء سان ختم نه ٿئي هئا. اهي جَفاڪار ۽ خُونخوار به ها جن جي جارِحاڻن حملن ۽ ظالماڻي يلغار سبب بار بار مدينه مُنوَّره جا دَر ۽ دِيوار لڏي چڪا هئا۔ حُضُور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري چاچي، حضرت سَيدُنَا حمزه رَضِى اللّٰه عَنْه جا قاتل ۽ سندن نڪ، ڪن ڪٽڻ وارا، سندن اکيون ڪڍڻ وارا، سندن جگر چٻائڻ وارا به ان مَجمَع ۾ مَوجُود هئا، اهي ستم گار جنهن شَمعِ نُبُوَّت جي جان نثار پروانن حضرت بلال، حضرت صُهيب، حضرت عَمّار،حضرت خَبَّاب، حضرت خُبَيب، حضرت زيد بن دَثِنَّه رَضِى اللّٰه عَنْهم وغيره کي رَسّين سان ٻڌي ڪري ڪوڙا هڻي هڻي تپندڙ واريءَ تي ليٽايو هو، ڪنهن کي باھ جي ٻرندڙ ڪوئلن تي سُمهاريو هو، ڪنهن کي فراسين ۾ ويڙهي ناسن ۾ دونهان ڏنا ها، ڪيئي ڀيرا گلو دٻايو هو۔ اڄ اهي سڀئي ڏھ (10)، ٻارهن (12) هزار مُهاجرين ۽ اَنصار جي لشڪر جي حِراست ۾ مُجرِم بڻجي ڏڪي رهيا هئا ۽ پنهنجي دلين ۾ هي سوچي رهيا هئا ته شايد اڄ اسان جي لاشن کي ڪتّن جي حوالي ڪري اسان جون ٻوٽيون سِرڻن ۽ ڪانون کي کارايون وينديون ۽ اَنصار ۽ مُهاجرين جي غَضَبناڪ فوج اسان جي ٻچي ٻچي کي مٽي ۽ رت ۾ مِلائي اسان جي نَسلن کي نِيست و نابُود ڪري وجھندي ۽ اسان جي وسندين کي تباھ ۽ برباد ڪري ويران ڪري ڇڏيندا، انهن مُجرمن جي سِينن ۾ خوف ۽ هراس جو طُوفان اٿي رهيو هو۔ دَهشَت ۽ خوف سبب انهن جي بدنن جو هر حصو ڏڪي رهيو هو، دليون ڌڙڪي رهيون هيون، تمام گھڻو خوف ڇانيل هو۔ انهيءَ مايوسي ۽ نااُمّيدي جي خطرناڪ فَضا ۾ يڪدَم