Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan
شَهنشاھ رِسالت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رحمت ڀري نگاھ انهن ڏانهن مُتوَجّه ٿي ۽ اُن مُجرِمن کان پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو ته ٻڌايو! توهان کي ڪجھ معلوم آهي ته اڄ مان توهان سان ڪهڙو مُعامَلو ڪرڻ وارو آهيان؟ ان دَهشَت اَنگيز ۽ خوفناڪ سوال سان مُجرِم حواس وڃائي ڏڪڻ لڳا، پر جَبينِ رحمت جي پيغمبرانه تيور کي ڏسي سڀني گڏجي يڪ زبان ٿي چيو ته اوهان وڏي ڪرم وارا آهيو.
سڀني جون نماڻيون نگاهون جمالِ نبوت ڏانهن ڏسي رهيون هيون ۽ سڀني جا ڪن شهنشاھ نُبُوَّت جو فيصلائتو جواب ٻڌڻ جي انتظار ۾ هئا جو يڪدم فاتحِ مڪه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ڪريمانه لهجي ۾ ارشاد فرمايو:
لَاتَثْرِیْبَ عَلَیْکُمُ الْیَوْمَ فَاذْھَبُوْا اَنْتُمُ الطُّلَقَآءُ اڄ توهان تي ڪو اِلزام ناهي، وڃو توهان سڀئي آزاد آهيو۔
بلڪل غير مُتوقع طور تي اوچتو هي فرمانِ رِسالت ٻڌي سڀني مُجرِمن جون اکيون شرم ۽ ندامت وچان اَشڪبار ٿي ويون ۽ انهن جي زبانن تان نڪرندڙ لَاۤاِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله جي نعرن سان حرمِ ڪعبه جي در ۽ دِيوار تي هر طرف اَنوار جي بارش ٿيڻ لڳي ۽ يڪدَم ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته
جہاں تاریک تھا، بے نُور تھا اور سخت کالا تھا
کوئی پردے سے کیا نکلا کہ گھر گھر میں اُجالا تھا ([1])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اُمُّ المومنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدّيقه رَضِى اللّٰه عَنْها فرمائن ٿيون: