Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan
خُلقِ عظيم جو تاج سجائي دُنيا ۾ موڪليو، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اَخلاق جي حُسن ۽ خُوبي جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ ڀيري حضرت سيدُنا سَعد بن هشَامرَضِى اللّٰه عَنْه اُمُّ المؤمنين حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِى اللّٰه عَنْها جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: مون کي رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اَخلاق جي باري ۾ ٻڌايو، ته پاڻ رَضِى اللّٰه عَنْها فرمايو: ڇا توهان قرآن ناهي پڙھيو؟ مون عرض ڪيو: جي ها پڙھندو آهيان۔ پاڻ رَضِى اللّٰه عَنْها فرمايو: الله جي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اَخلاق قرآن آهي۔
اعليٰ حضرت پنهنجي نعتيه ديوان ”حدائقِ بخشش“ ۾ اَخلاقِ مُصطَفٰي کي بيان ڪندي بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪن ٿا:
ترے خُلْق کو حَقْ نے عظیم کہا تر ی خِلْق کوحَق نے جمیل کِیا
کوئی تُجھ سا ہوا ہے نہ ہوگا شَہا! ترے خالِقِ حُسن واَدا کی قسم
(حدائق بخشش،ص۸۰)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياراپيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان کي ڪو شخص معمولي تڪليف پهچائي يا ٿوري به بداَخلاقي جو مظاهرو ڪري ته اسان حُسنِ اَخلاق ۽ عَفو ۽ دَرگُذر سان ڪم وٺڻ جي بدران ان جا دُشمن بڻجي ويندا آهيون ۽ مختلف طريقن سان ان کان بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، پر قربان وڃو! رحمتِ ڪونين، ناناءِ حسنين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اَخلاقِ حَسَنه تي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي جاني دُشمنن کي به مُعاف فرمائي ڇڏيندا هئا، جيئن
مڪو شريف فتح ٿيڻ کان پهريان جن ڪافرن جي طرفان حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم