Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

مال سان خُوش نٿا ڪري سگھو، پر توهان جي خنده پيشاني ۽ خُوش اَخلاقي اُنهن کي خُوش ڪري سگھي ٿي. (شعب الایمان، باب فی حسن الخلق،۶/ ۲۵۴، حدیث: ۸۰۵۴ )

2۔   توهان جتي به هجو، الله پاڪ کان ڊڄندا رهو، گُناھ ٿيڻ تي نيڪي ڪري وٺو، اها نيڪي ان گُناھ کي مِٽائي ڇڏيندي ۽ ماڻهن سان سٺو ورتاء ڪيو۔

 (ترمذی ،کتاب البر و الصلۃ،باب ماجآء فی معاشرۃ الناس،۳/۳۹۷،حدیث:۱۹۹۴ )

3۔   ننڍي کان ننڍي نيڪي کي به حقير نه سمجھو، چاهي اها نيڪي اها ئي هجي ته توهان پنهنجي ڀاءَ سان مرڪندڙ چهري سان ملو۔

 (مسلم، کتاب ، باب استحباب طلاقۃ الوجہ عند اللقاء،ص۱۴۱۳،حدیث:۲۶۲۶ )

4۔   سڀاڻي قيامت جي ڏينهن مومن ٻانهي جي ميزانِ عمل ۾ حُسنِ اَخلاق کان وڌيڪ وزني ڪو عمل نه هوندو ۽ بيشڪ فُحش گوئي ۽ بد ڪلامي کي الله پاڪ پسند ناهي ڪندو۔ (ترمذی، کتاب البر و الصلۃ ،باب ماجآء فی حسن الخلق، ۳/۴۰۳، حدیث :۲۰۰۹)

5۔   ٻه خصلتون اهڙيون آهن جيڪي مُنافق ۾ موجود نه ٿيون ٿي سگهن، سٺا اَخلاق ۽ دِين جي سمجھ۔ (ترمذی، کتاب العلم، باب ماجاء فی فضل الفقہ علی العبادۃ، ۴/۳۱۳ ، حدیث: ۲۶۹۳)

6۔   اَکْمَلُ الْمُؤمِنِیْنَ اِیْمَانًا اَحْسَنُہُمْ خُلْقًا يعني ايمان ۾ وڌيڪ ڪامل اهي مومن آهن، جن جا اَخلاق وڌيڪ بهتر هجن۔ ( ابو داؤد ، کتاب السنۃ،باب الدلیل…الخ،۴/۲۹۲،حدیث:۴۶۸۲ )

7۔   منهنجي ويجھو توهان مان سڀ کان وڌيڪ پسنديده ۽ قيامت جي ڏينهن منهنجي تمام ويجھو اهي ماڻهو هوندا، جنهن جا اَخلاق سڀ کان وڌيڪ سٺا هوندا۔  (ترمذی، کتاب البر و الصلۃ ،ماجاء فی معالی الاخلاق،۳/۴۰۹ِ،حدیث:۲۰۲۵)

مشهور مُفَسِّر مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه فرمائن ٿا: ان جو