Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan
وڃي ته لوڻ يا مِرچ مصالحو گهٽ وڌ ٿيڻ تي تبصرو ڪرڻ لڳندو آهي ۽ جيڪڏهن سڀ برابر هجن ته ذائقي جي باري ۾ ڳالهائيندو آهي ۽ جيڪڏهن ان جي به گنجائش نه هجي ته پوءِ هن طرح جون ڳالهيون ڪندو آهي ”اهو ڇو نه پچايو؟ هي ڇو پچايو؟ اها ته دل کي وڻي ئي نٿي، کڻي وڃ منهنجي اڳيان کان، مون کي هينئر هينئر فلان شيء پچائي ڏئي“ وغيره وغيره۔ اهڙي طرح جيڪڏهن ڪپڙا اِستري ڪيا وڃن ته چوندو آهي هي وڳو ڇو اِستري ڪيو؟ هي نه پائيندس، هيئنر جو هيئنر فُلاڻو وڳو اِستري ڪري ڏئي، پاڻي پيش ڪيو وڃي ته چوندو آهي مان هن گلاس ۾ نه پيئندس، شيشي جي گلاس ۾ کڻي اچ، شيشي جي گلاس ۾ ڏنو وڃي ته چوندو آهي ايتري قدر ٿڌو يا ايترو گرم پاڻي ڇو کڻي آئي آهين؟ وڃ ۽ ان ۾ ٻيو پاڻي مِلائي اچ وغيره وغيره، ائين بِلاوجه گھرواريء کي ڀڄائيندو رهندو آهي. ها جيڪڏهن ڪا ڳالھ مِزاج جي خلاف هجي مثال طور ٿڌي پاڻيءَ جي ضرورت هئي، ان گرم آڻي ڏنو ته سهڻي انداز سان ٿڌي جو مُطالبو ڪري، چڙٻي نه ۽ سڀني ڪمن ۾ ائين ئي ٿئي۔
اي ڪاش! اسان پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري اَدائن ۽ خُوبصورت اَخلاق مان ڪجھ سکڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ۽ گھر ۾ چاهت ۽ خُلُوص ڀريو مدني ماحول قائم ڪرڻ جي غرض سان حتي الامڪان پنهنجي گھر وارن جو هٿ ونڊائڻ جي به ڪوشش ڪيون۔
اچو! حُسنِ اَخلاق جي فضيلت تي مشتمل ڪجھ وڌيڪ روايتون ٻڌون ٿا:
1۔ خوفِ خُدا ۽ سٺا اَخلاق ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ جنّت ۾ داخل ڪندا۔([1])