Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan
ڪيئي ڀيرا تجربو ٿيو آهي ته * سٺي اَخلاق واري جي دُنيا دوست هوندي آهي، بُري اَخلاق واري جا سڀئي دُشمن، گھر وارا به ته ٻاهر وارا به * چڱي اَخلاق واري جي گھر ۽ ٻاهر وارا سڀئي تعظيم ۽ خدمت ڪندا آهن، بُري اَخلاق وارو هر جڳھ سزا ئي ماڻيندو آهي۔ (مراٰۃ المناجيح، ۵ /۱۶۷، بتغير قليل)
تنهنڪري جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو اسان سان محبت ڪن، اسان جي ڳالھ ڌيان سان ٻڌن ۽ ڪو به اسان کان بيزار نه ٿئي ته اسان کي گھرجي ته اسان هر مسلمان سان خُوش اَخلاقي سان پيش اچون، بدقسمتي سان هڪ تعداد اهڙي آهي جيڪا ان مُعاملي ۾ به پستي جو شڪار آهي، مالدارن يا پڙھيل لکيل سان ته پوءِ به حُسنِ سُلوڪ جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، پر غريبن، اڻ پڙھيل يا گھٽ پڙھيل لکيل سان ته بداَخلاقي ۽ بد تميزي جي اِنتها ڪئي ويندي آهي، بالخصوص پنهنجي گھر جي اَفراد سان ته اَخلاقيات جو عام طور لحاظ ناهي ڪيو ويندو، ڪجهه ماڻهو ٻاهر وارن سان ته حُسنِ اَخلاق سان پيش ايندا آهن پر گھر ۾ ايندي ئي خبر ناهي ڇا ٿي ويندو آهي جو حُسنِ اَخلاق، عاجزي ۽ نوڙت وساري شينهن جيان گجگوڙ ڪندا ۽ رُعب ڄمائيندا آهن، حالانڪه هي اسان جي پياري آقا،مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعليمات جي سَراسَر خلاف آهي ڇوته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته وڏن ننڍن، امير ۽ غريب ايستائين جو غُلامن سان به حُسنِ سُلوڪ وارو ورتاءُ ڪندا هئا۔
حضرت سَيدُنا اَنَس رَضِى اللّٰه عَنْه فرمائن ٿا ته حُسنِ اَخلاق جا پيڪر، سڀني نبين جا سرورصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غُلامن جي دعوت کي به قَبول ڪندا ها۔ جَو شريف ماني ۽ سادي کاڌي جي دعوت پيش ڪئي ويندي هئي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي قَبول ڪندا هئا۔ غريب ماڻهو بيمار ٿيندا ها ته انهن جي عيادت ڪندا ها، غريب ۽ نادار ماڻهن کي صُحبت جو شَرَف بخشيندا ها ۽ پنهنجي صحابه