Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

رَضِى اللّٰه عَنهم اَجمَعِين جي وچ ۾ نِشَست فرمائيندا هئا۔

اُمُّ المُؤمِنِين حضرتِ سَيدَتُنا عائشه صدِّيقه طيبه طاهرَه رَضِى اللّٰه عَنها جو بيان آهي ته حُضُور رحمت عالَم، شاھ آدم و بني آدم، رسولِ مُحتشم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پٺيان سواري تي پنهنجي ڪنهن خَادِم کي به ويهاري ڇڏيندا هئا۔ ( سیرتِ مصطفی ، ۶۰۷ ملتقطاً بتغیر قلیل )

پياراپيارا  اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري نوُري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بهترين اَخلاق جون برڪتون جھڙي طرح ٻاهر وارن کي نصيب ٿينديون هيون، اهڙي طرح گھر ۽ خاندان وارن سان به چڱي اَخلاق جو ورتاءُ  ڪرڻ ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪو ثاني نه هو.

اُمُّ المؤمنين حضرتِ سَيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِى اللّٰه عَنْها کان سوال ٿيو ته ڇا نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحِيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گھر ۾ ڪم ڪندا ها؟ فرمايائون: ها رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي جُتي مُبارَڪ پاڻ ڳنڍيندا ها ۽ ڪپڙن ۾ چتيون لڳائيندا هئا ۽ اهي تمام ڪم ڪندا ها جيڪي مرد پنهنجي گھرن ۾ ڪندا آهن۔ (مسند امام احمد ،۹/ ۵۱۹،حدیث: ۲۵۳۹۶ )

هن روايت ۾ مڙسن جي لاءِ گھريلو معاملن جي حوالي سان بيشُمار مدني گل موجود آهن۔ عموماً گھر ۾ مڙس جو مزاج پنهنجي گھرواريءَ تي حڪم هلائڻ جو هوندو آهي. معمولي ڪم جي لاءِ به ان کي تنگ ڪيو ويندو آهي، حالانڪه ڪيئي ڪم مڙس آساني سان پاڻ به ڪري سگھي ٿو، پر ٿورو هلڻ به هو پنهنجي شان جي خلاف سمجھندو آهي ۽ وڌيڪ هي جيڪڏهن گھرواريء اُن جا اهي ڪم ڪري به ڇڏي ته سؤ سؤ نخرا ڪندو آهي، طرح طرح جا عيب ڪڍندو ۽ هروڀرو ان کي چڪر لڳرائيندو آهي مثال طور کاڌو اڳيان رکيو