Book Name:Waldain Ke 3 Huqooq (Qist 4)
۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو والدين جي قبر تي ضرور حاضري ڏيڻ. اتي وڃي سورہ يسٰين شريف جي تلاوت ڪري، فاتحه ۽ درود و سلام پڙهي کين ايصال ثواب ڪرڻ، سندن بخشش ۽ درجات جي بلندي لاءِ دعا گهرڻ * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو هر جمعي تي پنهنجي ماءُ پيءُ يا انهن مان ڪنهن هڪ جي قبر جي زيارت ڪري، الله پاڪ ان جا گناهه معاف فرمائيندو آهي ۽ ان کي والدين جو فرمانبردار لکيو ويندو آهي.([1]) هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو ثواب جي نيت سان پنهنجي والدين جي قبر جي زيارت ڪري، اهو مقبول حج ڪرڻ واري جي مثل آهي ۽ * جيڪو ڪثرت سان والدين جي قبر جي زيارت ڪري، فرشتا ان جي قبر جي زيارت لاءِ ايندا. ([2])
ٽيو ن حق : مرحوم والدين کي پنهنجن گناهن سان تڪليف نه ڏيڻ
وضاحت: هي والدين جو اهم ترين حق آهي ته هر قسم جي ننڍي ۽ وڏي گناهه کان بچجي ۽ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪيون وڃن، ڇو ته والدين کي قبر ۾ اولاد جي سمورن عملن جي خبر پهچندي آهي. نيڪيون ڏسي خوش ٿيندا آهن، گناهه ڏسي غمگين ٿيندا آهن ۽ انهن جي دل کي صدمو پهچندو آهي. نبي ڪريم، رؤف الرحيم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ٻانهن جا اعمال هر سومر ۽ خميس جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيا ويندا آهن ۽ هر جمعي تي انبياءِ ڪرام عَلَیْہمُ السَّلام ۽ سندن والدين جي بارگاهه ۾ پيش ڪيا ويندا آهن. اهي نيڪ اعمال ڏسي خوش ٿيندا آهن ۽ ان جي ڪري سندن چهري جي روشني وڌي ويندي آهي.