Book Name:Waldain Ke 3 Huqooq (Qist 4)
تنهنڪري الله کان ڊڄو ۽ پنهنجي مرحوم والدين کي پنهنجن گناهن سان تڪليف نه ڏيو. ([1])
دهرائي
اڄ اسان والدين جا 3 حق سکيا آهن، ٻيهر دهرائي وٺو!
(1) والدين جي وصيت پوري ڪرڻ (2) والدين جي قبر جي زيارت ڪرڻ (3) مرحوم والدين کي پنهنجن گناهن سان تڪليف نه ڏيڻ
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
کِير پيئڻ وقت پڙهڻ واري دعا:
اَللّٰھُمَّ بَارِکْ لَنَا فِیْہِ وَزِدْنَا مِنْہُ
ترجمو: اي الله پاڪ! اسان کي ان ۾ برڪت ڏي ۽ اسان کي ان کان وڌيڪ عطا فرماءِ.([2])
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
روزانو 56 نيڪ اعمال:
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان پڙهيا يا ٻڌا؟ (7): شجري جا اوراد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا دُرُود شريف پڙهيو؟ (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪَنَن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نظري کان بچندي نگاهون هيٺ رکيون؟ (12): 12 منٽ مڪتبة