Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 1)
خاندان يعني حسب نسب (3): خوبصورتي ۽ (4): دينداري. پوءِ آقا ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: توهان دينداري کي ترجيح ڏيو. ([1])
ٻيون حق: ٻار جي ڪَنَ ۾ آذان ڏيڻ
وضاحت: پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٻار جي ڪن ۾ آذان ڏيڻ سنت آهي. ([2]) پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللہُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن شخص جي گهر ۾ ٻار پيدا ٿئي، ان جي ساڄي ڪن ۾ آذان ۽ کاٻي ڪن ۾ اقامت چئي وڃي ته اهو ٻار امُّ الصِّبْيَان (يعني مرگهي جي بيماري) (Epilepsy)) کان محفوظ رهندو. ([3]) امامِ اهلِ سنت، امام احمد رضا خان رحمۃُ اللہِ عليہ فرمائن ٿا: ٻار جي پيدائش کان پوءِ جيڪڏهن آذان ڏيڻ ۾ دير ڪئي وڃي ته، اڪثر ڪري مرگهي جو مرض لڳي ويندو آهي. جيڪڏهن ٻار جي پيدائش کان پوءِ پهريون ڪم اهو ڪيو وڃي ته ٻار کي وِهنجاري، ان جي ڪنن ۾ آذان ۽ اقامت چئي وڃي ته اِنْ شَاءَ اللہُ الْکَرِيْم! اهو ٻار سموري حياتي مصيبتن ۽ ٻين آفتن کان محفوظ رهندو. ([4]) ٻار جي ڪنن ۾ آذان انهيءَ ئي طريقي سان ڏني وڃي، جيئن نماز جي لاءِ ڏني ويندي آهي. بهتر اهو آهي ته ساڄي ڪن ۾ 4 ڀيرا آذان ۽ کاٻي ڪن ۾ 3 ڀيرا تڪبير چئي وڃي.
ٽيو ن حق : تحنيڪ (يعني گُهٽِي يا سُتِي ڏيڻ)