Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 1)

سکڻ  ۽  سيکارڻ جي حلقن جو  جدول

 (1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ

 اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ اولاد جا  3 حق (قسط:  پهرين) جي باري ۾ معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ فرض نماز کان بعد پڙهڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو.       اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!

دُرُود شريف جي فضيلت

آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مون تي درود پاڪ پڙهڻ پل صراط تي نور آهي، جيڪو جمعي جي ڏينهن مون تي 80 ڀيرا درود شريف پڙهندو ان جا  80 سالن جا گناهه معاف ڪيا ويندا. ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                   صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 اولاد جا 3 حق (قسط: پهرين)

آيت مبارڪه

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا (پارو: 28، سورة تحريم: 6)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وار! پنهنجي جانين ۽ گهر وارن کي ان باهه کان بچايو.

يعني اي ايمان وار!٭ الله پاڪ جي عبادت ڪري، الله پاڪ جي احڪامن جي پيروي ڪري، پاڻ کي ۽ ٭ پنهنجي اهل و عيال جي بهتر انداز ۾ تربيت


 



[1]...الترغیب  فی فضائل الاعمال ،باب مختصر من الصلاۃ علی رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم،  صفحہ:14،حدیث:22۔