Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 1)

ڪري، سٺا اخلاق سيکاري کين جهنم جي باهه کان بچايو ...! ([1])

فرمانِ مصطفيٰ    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو:

أَكْرِمُوْا أَوْلاَدَكُمْ وَأَحْسِنُوْا أَدَبَهُمْ

ترجمو: پنهنجي اولاد جي عزت ڪريو ۽ کين سٺا  آداب  سيکاريو. ([2])

اولاد جا 3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! اولاد الله پاڪ جي هڪ عظيم نعمت آهي، دين اسلام جهڙي طرح والدين جا حق ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي، اهڙي طرح اولاد جا حق ادا ڪرڻ جو به حڪم فرمايو آهي، تنهنڪري پُٽُ هجي يا ڌيءُ اولاد جا والدين تي تمام گهڻا حق آهن، جن مان 3 حق اسان اڄ سکنداسين.

پهريون حق:       بهترين ماءُ جي چونڊ ڪرڻ

وضاحت:  اولاد جو سڀ کان پهريون حق جيڪو سندن پيدائش کان به اڳ ۾ آهي، اهو پنهنجي اولاد جي لاءِ سٺي ماءُ جي چونڊ ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار جي زندگي ۾ ماءُ جي وڏي اهميت آهي، ماءُ جيتري سٺي هوندي اولاد جي تربيت به ايتري ئي سٺي ٿيندي، ڇو جو علم ۽ تربيت جي شروعات ماءُ جي هَنجَ کان ئي ٿيندي آهي، تنهنڪري نڪاح جي لاءِ سٺي، بااخلاق ۽ باڪردار عورت جو انتخاب ڪرڻ اولاد جو پهريون حق آهي. پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: عورت سان نڪاح ڪرڻ ۾ چار ڳالهيون ڏٺيون وينديون آهن (1):  مال (2):


 

 



[1]....تفسیر نور لاعرفان ،پارہ 28،سورۂ  التحریم ،تحت الآیت:6،صفحہ:895، ۔

[2]....سنن ابن ماجہ،کتاب الادب ،باب بر الوَالِد والاِحسان الی البنات ،صفحہ:591،حدیث:3671۔