Book Name:Mazdoron Ke 3 Huqooq
ئي ٻڌائي ڇڏيو. ([1])
ٻيون حق:بَروقت مزدوري اداڪرڻ
وضاحت: هن ۾ ٻه حق آهن: (1): مَزدُور جي اُجرت پوري پوري ادا ڪرڻ (2): بَروقت ادا ڪرڻ. ڪجهه نادان * دڙڪا دهمان ڏئي * سختي ڪري * پريشان ڪري مزدورن جي اُجرت ڦٻائي ويندا آهن، اهو سخت گناهه، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ([2]) فرض ڪريو اوهان وٽ رقم موجود نه آهي يا گهٽ آهي ۽ ڪم ڪرائڻ به ضروري آهي ته اڳ ۾ ساڻس طئي ڪريو ته هن وقت پيسا موجود نه آهن، بعد ۾ ڏيندس ۽ اهو مدو به طئي ڪرڻ ضروري آهي. اڳ ۾ ڪم ڪرائي، پوءِ سموري يا اڌ رقم اوڌر ڪرائڻ به درست نه آهي. حديث شريف ۾ آهي: مَزدُور جي مَزدُوري ان جو پگهر سڪڻ کان پهريان ادا ڪريو...! ([3]) (يعني: مَزدُوري ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪريو...! جنهن وقت تي ڏيڻ طئي ڪيو هو، بِنا ڪنهن دير جي ان وقت ڏئي ڇڏيو...!! ([4])
ٽيون حق:مزدورن سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ
وضاحت: * انهن سان مسڪرائي گفتگو ڪرڻ * عزت سان پيش اچڻ * اَڙي، اوڙي وغيرهه جهڙن غيرمُهذب لفظن سان کين مخاطب نه ڪرڻ * مناسب موقعي تي چانهه، کاڌو، پاڻي وغيرهه پيش ڪرڻ * ڪم سٺو ڪري يا جيڪڏهن ويچارو غريب آهي ته طئي ٿيل اُجرت کان ڪجهه وڌيڪ ڏيڻ * کانئس ڪا خطا ٿي وڃي يا ڪم خراب ٿي وڃي ته معاف ڪري ڇڏڻ وغيرهه مَزدُورن سان حسن سلوڪ جا مثال آهن. اسان کي گهرجي ته جڏهن به ڪنهن کان اُجرت تي ڪم ڪرايون ته انهن ڳالهين جو خيال رکون، خاص طور تي مَزدُورن جي عزتِ نفس جو لحاظ رکڻ تمام ضروري آهي، ساڻن ڪو به اهڙو لفظ نه ڳالهايون