Book Name:Mazdoron Ke 3 Huqooq

يا اهڙو رويو اختيار نه ڪريون جنهن سان کين ذلت محسوس ٿئي. انهن کي پاڻ کان گهٽ به نه سمجهو ڇوته پاڻ کي سٺو ۽ ٻين کي گهٽ سمجهڻ تڪبر آهي ۽ تڪبر حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ([1])

دهرائي

اڄ  اسان مزدورن جا  3 حق سکيا آهن، ذهن نشين ڪري وٺو!

(1): اُجرت يا مزدوري اڳ ۾ طئي ڪرڻ  (2): بَروقت مزدوري ادا ڪرڻ    (3): مزدورن سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ

سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا

سخت خطري جي وقت پڙهڻ واري دعا:

اَللّٰھُمَّ اسْتُرْ عَوْرَاتِنَا وَاٰمِنْ رَوْعَا تِنَا

ترجمو:  يا الله اسان جي پردي داري فرماءِ ۽ اسان جي گهٻراهٽ کي بي خوفي ۽ اطمينان ۾ بدلائي ڇڏ. ([2])

 اجتماعي جائزي جوطريقو(72 نيڪ اعمال)

روزانو 56 نيڪ اعمال:

(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان  پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص  پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان پڙهيا يا ٻڌا؟ (7): شجري جا اوراد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا دُرُود شريف پڙهيو؟ (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪَنَن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نظري کان


 

 



[1]...فتاوی رضویہ ،جلد:23،صفحہ:614۔

[2]...مسند احمد،مسند ابی سعيد الخدری،جلد:5،صفحہ:6،حدیث:11288،مدنی پنج سورۂ،صفحہ:221۔