Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

قُلْ اَرَءَیْتُمْ اِنْ اَصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًا فَمَنْ یَّاْتِیْكُمْ بِمَآءٍ مَّعِیْنٍ۠(۳۰)  (پاره29،سورۃالملڪ:30)

ترجموڪنزالايمان: تون فرماءِ ڀلا ڏسو ته صبح جو توهان جو پاڻي زمين ۾ صفا هيٺ لهي وڃي ته پوءِ اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي پاڻي آڻي ڏيندو نگاھ جي سامهون وهندڙ.

 اها آيت سڳوري ٻُڌي ان فلسفي تڪبر ۽ غرور وچان چيو: اها ڪهڙي مشڪل ڳالھ آهي، جيڪڏهن الله پاڪ پاڻي کي زمين ۾ پوري ڇڏي ته اسان سائنس جي آڌار تي مختلف آلن جي ذريعي پاڻي کي وري ڪڍي وٺنداسين۔ ان ڪافِر ۽ منڪر فلسفي اها ڳالھ ڪئي ۽ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو، رات جو جڏهن اهو سُتو ته خواب ۾ ڏٺائين ته هڪ تمام طاقتور شخص آيو، ان شخص ان فلسفي جي منهن تي زَور دار چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن سان ان جون ٻه اکيون نڪري ويون ۽ گڏوگڏ اکين ۾ جيڪو نور جو هڪ هڪ قطرو پاڻي هو اهو زمين تي ڪري سڪي ويو۔

چماٽ هڻڻ واري ان شخص خواب ئي خواب ۾ چيو: اي بدنصيب! جيڪڏهن تون واقعي ڪوڏر، پاهوڙي ۽ ٻين سائنسي آلات جي ذريعي، الله پاڪ جي مدد کان سواءِ پاڻي کي زمين مان ڪڍي سگھين ٿو ته تون پنهنجي اکين مان نڪرڻ وارن انهن ٻن قطرن کي زمين مان ڪڍي ڏيکار...؟

صبح جو جڏهن فلسفي صاحب بيدار ٿيو ته اکيون خراب ٿيل هيون، ڪجھ نظر نه اچي رهيو هو، غرور و تڪبر جو سڄو نشو به لهي چڪو هو ۽ الله، الله پڪار رهيو هو۔

کسی کو تاجِ وقار بخشے، کسی کو ذِلَّت کے غار بخشے

جو سب کے ماتھے پہ مہرِ قُدْرت لگا رہا ہے، وہی خُدا ہے

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد