Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood
گڏوگڏ چوڪ، بازار، اسڪول ڪاليج وغيره ۾ به دَرس ڏين ٿا، نيڪي جي دَعوت کي عام ڪن ٿا ۽ سُنتن کي عام ڪن ٿا۔
لانڍي (ڪراچي پاڪستان) جي رهندڙ هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي: اسان جي علائقي ۾ هڪ ويڊيو سينٽر جي ٻاهر دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سردي گرمي جي پرواھ ڪرڻ بغير مستقل مزاجي سان چوڪ دَرس ڏيندو هو، اهو اسلامي ڀاءُ ان ويڊيو سينٽر جي مالِڪ کي به درس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو هو پر هو روزانو مَصرُوفيت جو چئي مَعذرت ڪندو هو، آخر هڪ ڏينهن ويڊيو سينٽر جي مالِڪ به دَرس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن مبلغِ دعوتِ اسلامي دَرس شروع ڪيو ته خوفِ خُدا ۽ عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڀريل الفاظ تاثير جو تِير بڻجي ان جي دِل ۾ سمائجي ويا، غفلت جا پردا هٽي ويا ۽ چوڪ دَرس جي برڪت سان ويڊيو سينٽر جي مالِڪ تي آخرت جو فِڪر غالِب اچي ويو۔ دَرس کان پوءِ اسلامي ڀاءُ ان کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اِجتماع ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، هو هفتيوار اِجتِماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو، آهسته آهسته اُن ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي، نيٺ ويڊيو سينٽر جي مالِڪ سمورن گُنَاهن کان توبه ڪئي، گُنَاهن ڀريو ڪاروبار يعني ويڊيو سينٽر به بند ڪري ڇڏيو۔ اهڙي طرح الحمد لله! گُنَاهن جي دلدل ۾ ڦاٿل مسلمان چوڪ دَرس جي برڪت سان نيڪ رستي جو مُسَافِر بڻجي ويو۔
(میں نے ویڈیو سینٹر کیوں بند کیا؟، صفحہ:5)
اسی ماحول نے ادنی سے اعلی کر دیا دیکھو اندھیرا ہی اندھیرا تھا اجالا کر دیا دیکھو
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ