Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڏسڻو هجيوَ ته پنهنجي صاحِب (يعني محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) کي ڏسي وٺو۔ (بخاری، کتاب:احادیث الانبیاء، باب:واتخذاللہ ابرہیم خلیلا، صفحہ:856، حدیث:335)

وہ جَدِّ مصطفےٰ ہیں، رَبّ کے خلیل ہیں         ہے نام ابراہیم، وَجِیہ و جلیل ہیں

 حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو نمرود سان مُنَاظرو

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام عراق جي شهر بابِل ۾ پيدا ٿيا، ان وقت سڄي دُنيا تي نمرود جي بادشاهت هئي ۽ ان جو دارالحڪومت به بابِل ئي هو۔ نمرود تمام سرڪش، انتهائي اَحمق ۽ ظالِم بادشاھ هو، اهڙو بدبخت هو جو مخلوق هئڻ جي باوجود خُدائي جي دعوي ڪندو هو ۽ ماڻهن کي مجبور ڪري انهن کان پنهنجي عبادت ڪرائيندو هو۔ (سیرت الانبیاء، صفحہ:257بتغیر قلیل)

ان وقت جڏهن هر پاسي ڪفر ۽ شِرڪ ڦھليل هو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام حق جو ڪلمو بلند ڪيو، دِينِ حق جي تبليغ شروع فرمائي ۽ ماڻهن کي الله وَحدَه لَاشَرِيڪ جي عبادت ڏانهن سڏيو۔ اهڙي سلسلي ۾ هڪ ڀيرو حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ نمرود جي وچ ۾ ”تَوحِيد“ جي موضُوع تي مُنَاظَرو ٿيو، الله پاڪ ان مُنَاظري کي سيپاري 3، سوره بقره، آيت:258 ۾ ذِڪر فرمايو آهي۔ ارشاد  ٿئي ٿو:

اَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِیْ حَآجَّ اِبْرٰهٖمَ فِیْ رَبِّهٖۤ اَنْ اٰتٰىهُ اللّٰهُ الْمُلْكَۘ-اِذْ قَالَ اِبْرٰهٖمُ رَبِّیَ الَّذِیْ یُحْیٖ وَ یُمِیْتُۙ-قَالَ اَنَا اُحْیٖ وَ اُمِیْتُؕ-قَالَ اِبْرٰهٖمُ فَاِنَّ اللّٰهَ یَاْتِیْ بِالشَّمْسِ مِنَ الْمَشْرِقِ فَاْتِ بِهَا مِنَ الْمَغْرِبِ فَبُهِتَ الَّذِیْ كَفَرَؕ-وَ اللّٰهُ لَا یَهْدِی الْقَوْمَ الظّٰلِمِیْنَۚ(۲۵۸)  (پاره3،سورۃالبقرۃ:258)

 ترجمو ڪنزالايمان: اي محبوب! ڇا تو نه ڏٺو هو ان کي جنهن ابراهيم سان جهڳڙو ڪيو سندس رب جي باري ۾ هن تي ته الله ان کي بادشاهي ڏني جڏهن ته ابراهيم چيو ته منهنجو رب اهو آهي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو چوڻ لڳو مان جياريندو ۽ ماريندو آهيان ابراهيم فرمايو ته الله سج کي آڻيندو آهي اوڀر کان تون ان کي اولھ کان آڻ ته ڪافر جا هوش اڏامي ويا ۽ الله ظالمن کي واٽ نه ٿو ڏيکاري.