Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood
ان ڪري) فرمايائون: اهو شهتوت (تُوت) جو وڻ ئي منهنجي قادِر ۽ قَيوم الله پاڪ جي وُجُود جو دليل آهي۔ ڪافِر چيو: اهو ڪيئن؟ فرمايائون: ڏسو! هن شهتوت جي وڻ جو پَنُ جيڪڏهن هرڻي کائي وٺي ته اهو مُشڪ بڻجي ويندو آهي، انهيء پن کي جيڪڏهن ٻڪري کائي ته کير بڻجي ٿو ۽ انهيء پن کي جيڪڏهن رَيشم جو ڪيڙو کائي ڇڏي ته ان مان رَيشَم بڻجي وڃي ٿو فَمَنِ الَّذِیْ جَعَلَ ہٰذِہِ الْاَشْیَاءَ کَذَالِکَ مَعَ اَنَّ الطَّبْعَ وَاحِد ته اهو ڪير آهي جيڪو هڪ ئي پن کي ايتريون شڪلون عطا فرمائي ٿو، جڏهن ته پن هڪ، ان جي طبيعت هڪ، مٽيريل هڪ، صرف کائڻ وارا جانور بدلجندا وڃن ته ان پن مان تيار ٿيڻ واري شيء بدلجندي ويندي آهي۔ بَس جيڪا ذات هڪ پَن کي ڪڏهن مشڪ، ڪڏهن کير ۽ ڪڏهن ريشم بڻائي ٿي، انهيء کي خُدا چوندا آهن، اهو خوب صُورت دليل ٻُڌي اهي ڪافِر يڪدم ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويا۔ (تفسیرِ کبیر، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:21تا22، جلد:2، صفحہ:333)
کوئی تو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خدا ہے
دکھائی بھی جو نہ دے، نظر بھی جو آرہا ہے، وہی خدا ہے
سفید اُس کا، سیاہ اُس کا، نفس نفس ہے گواہ اُس کا
جو شعلۂ جاں کو جلا رہا ہے، بجھا رہا ہے، وہی خُدا ہے
فلسفي جو غرور ڪيئن خاڪ ۾ مليو...؟ (حڪايت)
مولانا رُوم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مَثنَوِي شريف ۾ فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو هڪ فلسفي ڪٿان کان گذري رهيو هو ان جي ڪنن ۾ تِلاوتِ قرآن جو آواز آيو، ڪو شخص سوره مُلڪ جي تِلاوت ڪري رهيو هو، جڏهن اُن سوره مُلڪ جي آخري آيت تِلاوت ڪئي، جنهن ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: