Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood
مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي عُمر مبارڪ 7 سالن جي هئي جڏهن کين فرمايو ويو: اي ابراهيم! هر طرح سان اسان جو فرمانبردار ٿي وڃ! ان تي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام بِلا تَاَمُّل (يعني بنا دير، بنا جھجڪ، يڪدم) عرض ڪيو: مان دِل ۽ جان سان پنهنجي رَبّ جو فرمانبردار ٿيان ٿو.
پوءِ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام سڄي زِندگي هن تي قائِم رهيا، ان جي لاءِ سندن کي وڏي وڏي مشڪلاتن مان به گذرڻو پيو پر پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي فرمانبرداري نه ڇڏي۔ جڏهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام نُبُوَّت جو اِعلان فرمايو ته نمرود بَدبخت پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي مَعَاذَ الله! باھ ۾ وجھڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي، جڏهن کين باھ ۾ وڌو پئي ويو، ان وقت حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام حاضِر ٿيا، عرض ڪيائون: اي ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام! ڪا حاجت هجي ته ٻڌايو۔ فرمايائون: جبريل! اوهان سان ڪا حاجت نه آهي۔ عرض ڪيائين: ته الله پاڪ کي عرض ڪريو۔ فرمايائون: الله پاڪ پاڻ ڏسي ٿو، عرض ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔
جڏهن قوم سندن ڳالھ نه ٻُڌي، ڪلمو پڙھي دِينِ حق جي پيرو ڪار نه بڻي، قوم ضِد ۽ هٺ ڌرمي ڏيکاري ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجو گھر ٻار ڇڏي راھ خُدا ۾ هجرت ڪئي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام وڏي عمر جا هئا، جڏهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي اَولاد جي نعمت عطا ٿي، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جا پهريان شهزادا حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام اڃا کير پيئڻ جي عمر ۾ هئا ته حڪم ٿيو: اي ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام! پنهنجي پُٽ کي ۽ سندن والِده کي مڪه مڪرمه ڇڏي اچو۔ مڪو پاڪ ان وقت بلڪل غير آباد هو، اتي نه ڪو رهندو هو، نه اتي زِندگي گذارڻ جا اسباب هئا، ان وقت به حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ڪو عُذر نه ڏيکاريو بلڪه سر جهڪائي پنهنجي شهزادي کي مڪهءِ مڪرمه ڇڏي آيا، پوءِ حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي عمر مبارڪ اڃا 13 سال يا 17 سال هئي جو حڪم ٿيو: اي ابراهيم! پنهنجي پُٽ کي قربان ڪريو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ان حڪم تي به سر جهڪايو ۽ پٽ جي ڳلي تي ڇُري رکيائون۔ (تفسیرنعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:131، جلد:1، صفحہ:745تا746بتغيرقليل)