Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه اوهان سان گڏ آهي، مان به حاضِر خِدمت آهيان، سمورا مسلمان اوهان سان گڏ آهن۔

حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه هن طرح جڏهن پنهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دِل جُوئي جو اهتمام ڪيو ته الله پاڪ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي تَصدِيق ۾ اها آيتِ ڪريمه نازِل فرمائي ۽ ارشاد ٿيو:([1])

فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ مَوْلٰىهُ وَ جِبْرِیْلُ وَ صَالِحُ الْمُؤْمِنِیْنَۚ-  (پاره28،سورۃالتحريم:4)   

ترجمو ڪنزالايمان: ته بيشڪ الله ان جو مددگار آهي ۽ جبرئيل ۽ نيڪ ايمان وارا.

حضرت عبد الله بن مَسعُود رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، رسولِ اَڪرَم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن آيت جي تفسير ۾ فرمايو: صَالِحُ الْمؤْمِنِیْنَ اَبُوْ بَکْرٍ وَّ عُمَرَ يعني هن آيت ۾ نيڪ مؤمن مان مراد ابو بڪر صديق ۽ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا آهن۔([2])

حضرت علّامه عبدالرؤوف مناوي رَحۡمةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن فرمانِ عاليشان جي معني هيءَ آهي ته اسلام جا پهريان خليفه، حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ اسلام جا ٻيا خليفه حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه، اهي ٻئي حضرات فضيلت ۾، وصفن ۾ تمام مسلمانن کان اَفضل ۽  اعليٰ آهن ۽ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام کان بعد انهن جو رُتبو سڀ کان وڏو آهي۔([3])


 

 



[1]...مَطلَعُ القَمَرَین فِی اِبَانَۃِ سَبقَۃِ العُمَرَین، صفحہ:186بتغیر قلیل۔

[2]...تفسیر دُرّمنثور، پارہ:28، التحریم، زیرِ آیت:4، جلد:8، صفحہ:223۔

[3]...مَطلَعُ القَمَرَین فِی اِبَانَۃِ سَبقَۃِ العُمَرَین، صفحہ:186۔