Book Name:Quran Aur Farooq e Azam
ڏسو! اها عظيم شخصيت جنهن جا وصف انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ السَّلَام جي وصفن جهڙا آهن، جنهن جو ڪردار پاڪيزه آهي، جنهن جا اخلاق پاڪيزه آهن، جنهن کان شيطان ڊڄي ٿو، جنهن جي زبان تي ملائڪ ڪلام ڪن ٿا، جنهن جي زبان تي الله پاڪ حق رکيو آهي، جنهن جي راءِ جي مُوَافِق قرآني آيتون نازل ٿيون، جڏهن اهڙي بلند شان وارو صحابي، اسلام جو ٻيو خليفو، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه به پياري آقا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي اختيار ڪن ٿا، جڏهن اهي به پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي آخري نبي مڃن ٿا، جڏهن اهي بلند رتبي وارا صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه به نبوت جي دعويٰ نٿا ڪن ته هاڻي قيامت تائين جي لاءِ جيڪو به نبوت جي دعويٰ ڪندو، ان کي کپي ته پهريان آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏسي، نبوت ته تمام ئي بلند درجو آهي، هاڻي قيامت تائين ڪو شخص حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي درجي تائين به نٿو پهچي سگھي، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابي آهن، هاڻي ڪو به صحابي نٿو بڻجي سگھي، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي مُوَافقت ۾ قرآنِ ڪريم لهندو هو، هاڻي قرآنِ ڪريم مڪمل ٿي چڪو، هاڻي ڪنهن جي موافقت ۾ قرآن نه لهندو، لهٰذا قيامت تائين نئون نبي اچڻ ته پري جي ڳالھ آهي، هاڻي ڪو ٻيو عمر به نٿو ٿي سگھي۔
معلوم ٿيو ته جڏهن اسان اهو مڃون ٿا ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي راءِ جي مُوَافِق قرآنِ ڪريم جون آيتون نازل ٿينديون هيون، پوءِ اهو به مڃون ٿا ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه ايڏي وڏي شان وارا هئڻ جي باوُجود نبي نه آهن بلڪه صحابي هئا ته اها هن ڳالھ جي زبردست دليل آهي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بعد هاڻي قيامت تائين دُنيا ۾ ڪو نئون نبي نه ايندو، جيڪڏهن اچڻ ممڪن هجي ها ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه نبي ٿي چڪا هجن ها، جڏهن اها شخصيت جن جي موافقت ۾ قرآن لهي ٿو، اهو به نبي نه ٿيو ته هاڻي