Book Name:Quran Aur Farooq e Azam
پڙھي مسلمان ٿي چڪي آهي، ڀيڻ جي گھر پهتا، اندران قرآن پڙھڻ جو آواز اچي رهيو هو، دروازو کڙڪايو، اندر ويا، ڀيڻ تي تشدد ڪيو، ڀيڻوئي کي به گھڻو ماريائين، پر جڏهن ڏٺائين ته مار کائي به انهن جي دِل مان اسلام جي محبت گھٽ نه پئي ٿئي ته ارادو ظاهر ڪيائون ته آخر ڏسان اها ڪهڙي طاقت آهي، اسلام ۾ ڪهڙي لذّت آهي جو ايتري مار کائڻ کان به گھٽ نٿي ٿئي، ڀيڻ کان قرآنِ ڪريم گھريائون، ڀيڻ فرمايو: ناپاڪ ماڻهو هن کي هٿ نٿا لڳائي سگھن، غسل ڪيو يا وُضُو ڪيو پوءِ قرآنِ ڪريم ملندو، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه وُضو ڪري، قرآنِ ڪريم هٿ ۾ کڻي کوليائون، سوره طٰهٰ جون آيتون سامهون هيون، پاڻ پڙھڻ شروع ڪري جڏهن هن آيت تي پهتا:
اِنَّنِیْۤ اَنَا اللّٰهُ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّاۤ اَنَا فَاعْبُدْنِیْۙ- (پاره16،سورۂ طٰهٰ:14)
ترجموڪنزالايمان: بيشڪ مان ئي آهيان الله، مون کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، پوءِ منهنجي عبادت ڪر.
رڳو هيستائين پڙھايائون ته قرآنِ ڪريم پنهنجو اثر ڏيکاريو، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي دِل نرم ٿي وئي، دِل ۾ نورِ ايمان پيدا ٿي ويو، بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، ڪلمو پڙھيو ۽ گڏوگڏ مسلمانن وڏي زور سان نعره تڪبير لڳايو جو حرمِ ڪعبه تائين ان جي گونج پهتي۔ اهڙي طرح حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسلام ۾ داخِل ٿي ويا۔([1])
اي عاشقانِ رسول! ڏسو! حضرت عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَنۡه جو قرآنِ ڪريم سان ڪيترو گهرو تعلق آهي، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان ۾ بعض اهي آهن جيڪي معجزا ڏسي مسلمان ٿيا، بعض صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضوَان اَخلاقِ مصطفيٰ