Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

آزادي جي هن ڪوشش ۾ مسلمانن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، علَّامه فَضلِ حق خير آبادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سخت سزائون ڏنيون ويون، علَّامه ڪفايت علي ڪافِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ ٻين کوڙ عالم سڳورن کي مَعَاذَ الله! شهيد ڪيو ويو، هڪ اندازي جي مطابق اُن وقت اَهلسنت جا تقريباً 22 هزار عالم سڳورا شهيد ٿيا۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! اهي آزادي جي تحريڪ جون سڀ کان پهريون قربانيون هيون، ان وقت توڙي جو بظاهر ناڪامي ٿي پر هڪ مسلمان جنهن جي دِل ۾ ايمان مضبوط هجي، جنهن جو يقين پڪو هجي اهو ناڪامين کان   گھٻرائيندو ناهي، بلڪه مزيد اڳتي قدم وڌائيندو آهي، ڊاڪٽر اقبال وڏي خوبصورت ڳالھ چئي:

جھپٹنا، پلٹنا، پلٹ کر جھپٹنا                      لہو گرم رکھنے کا ہے اِک بہانہ

 عُقَاب (باز) جنهن کي پکين جو بادشاھ چيو ويندو آهي، اهو پنهنجي شڪار تي حملو ڪندو آهي، پوءِ واپس موٽي وري ٻيهر حملو ڪندو آهي، وري موٽي ايندو آهي، اقبال چوي ٿو: عُقاب جو هن طرح اچڻ موٽڻ اها ان جي ناڪامي ناهي بلڪه اها ان جي ورزش آهي جنهن سان عُقَاب پنهنجي رت جي گردش (Blood Circulation) کي برابر رکي ٿو، مؤمن ٻانهي جو به اهو ئي مثال آهي، مؤمن پنهنجي مقصد ڏانهن وڌندو آهي، ناڪامي ٿيندي آهي، وري وڌندو آهي، ناڪامي ٿيندي آهي، وري وڌندو آهي، مؤمن هار ناهي مڃيندو، ڪوشش ڪندو رهندو آهي، ڪندو رهندو آهي، نيٺ ڪامياب ٿي ئي ويندو آهي۔

1857ء ۾ توڙي جو مسلمانن کي ناڪامي ٿي پر مسلمان پوئتي نه هٽيا، مسلمانن آزادي جي ڪوشش جارِي رکي، ڪافِرن جڏهن ڏٺو ته مسلمانن جي


 

 



[1]...تحریکِ آزادی1857ءمیں علماکا مجاہدانہ کردار، صفحہ:22تا23و29ملتقطاً۔