Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain
اندر کان آزادي جو جذبو ڪنهن طرح گھٽ نه پيو ٿئي، تڏهن انهن مسلمانن جي اَصل طاقت کي ٽوڙڻ جو، يعني مسلمانن جو ايمان ڪمزور ڪرڻ جو، مسلمانن جي اندر کان عشق رسول جو جذبو ڪمزور ڪرڻ جو منصوبو بڻايو، ان جي لاءِ ڪافِرن پنهنجا پڙھيل لکيل ماڻهو عوام ۾ لاٿا، اهي ماڻهو اسلام جي تعليمات تي اعتراض ڪرڻ لڳا، قرآنِ ڪريم تي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪيزه سيرت تي اعتراض ٿيڻ لڳا، هيئن عوام جي ذِهنن ۾ شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ لڳي۔([1])
انهيء دوران تحريڪِ خِلافت هلي، تحريڪ ترڪِ موَالات(اتحاد ختم ڪرڻ) هلي، تحريڪ هجرت هلي، انهن تحريڪن جي ذريعي مسلمانن کي ورغلايو ويو، کوڙ سارا مسلمان هن سازش جو شڪار ٿي ويا، ڪجهه ليڊر به ڪافِرن جي ان ڄار ۾ ڦاسي پيا، قائِدِ اعظم محمد علي جناح ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال انهن تحريڪن کي مسلمانن جي لاءِ سخت نقصان دِه سمجھي رهيا هئا، جڏهن تحريڪ ترڪ موالات هلي، ڪانگريس پڻ ان ۾ حِصو ورتو، ان وقت قائِدِ اعظم ڪانگريس کان پنهنجو تعلق ختم ڪري ورتو پر ان وقت سخت فتنا هئا، فتنن جون ڄڻ آنڌيون هلي رهيون هيون، ڪافِر مسلمانن کي آزادي جو لالچ ڏئي اُنهن جي دِين کان، اُنهن جي مذهب کان، اُنهن جي اِيمان کان پري ڪري رهيا هئا، روڊ رستن تي جلوس ڪڍي رهيا هئا، کوڙ سارا مسلمان سڏائڻ وارا، بظاهر ڪلمو پڙھڻ وارا ڪافِرن کي پنهنجو پيشوا مڃي رهيا هئا، ڪافِرن کي منبر تي ويهاريو پئي ويو، مسجدن ۾ ڪافِرن جي حق ۾ نعرا لڳايا پئي ويا، جيڪڏهن ان وقت ڪافِرن جي اها سازش ڪامياب ٿي وڃي ها ته مسلمانن کي آزادي ته ڇا ملي ها، ٻيڻو پنهنجي دِين ۽ اِيمان کان به هٿ ڌوئي ويهن ها، ان ڪري آزادي جي تاريخ ۾ اهو سخت مشڪل وقت هو، ان