Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay
پڻ ماڻهن کي خوفِ خُدا ئي جو دَرس ڏنو۔
پوءِ اسان جي نبي، سچي نبي، پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو ئي خوفِ خُدا ماڻهن جي دِلين ۾ پيدا ڪري جاهليت واري زماني جي بگڙيل مُعَاشَري کي اهڙو مِثَالي مُعَاشرو بڻايو جو اهڙي مُعَاشَري جو مِثَال دُنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي، هي اهو مِثَالي مُعَاشرو هو جيڪو قيامت تائين ايندڙ تمام معاشرن جي لاءِ بهترين نمونو آهي۔ مَعلُوم ٿيو مُعَاشَري کي سُڌارڻ جي لاءِ، مُعَاشَري کي مِثَالِي مُعَاشرو بنائڻ جي لاءِ خوفِ خُدا اهم ترين بنياد آهي۔
هتي اها ڳالھ به سمجھڻ ۽ غور ڪرڻ جي آهي ته مثالي مُعَاشرو ڇاکي چئبو آهي؟ هن حوالي سان تفصيلي گفتگو ٿي سگھي ٿي، وڏا ڪتاب لکي سگھجن ٿا، البت مختصر طَور هيئن چئي سگھجي ٿو ته هڪ مثالي مُعَاشَري جا 2 اهم بنياد آهن:
(1): ان مُعَاشَري جا فرد هڪ ٻئي جي حق تلفي نه ڪندا هجن، ڪو به فرد ٻين تي ظُلم نه ڪندو هجي (2): ۽ ان مُعَاشَري جو هر فرد ٻين سان خيرخواهي جو، ٻين جي ڀلائي جو جذبو رکندڙ هجي۔
اهي ٻئي ڳالهيون جنهن مُعَاشَري ۾ هونديون، اهو مُعَاشرو امن ۽ سڪون وارو به هوندو ۽ ان مُعَاشَري ۾ جرم به بلڪل نه هئڻ جي برابر ٿيندا۔ ۽ اهو (حق تلفي جو نه هئڻ، خير خواهي جو جذبو هئڻ) ٻئي ڳالهيون خوفِ خُدا جي ذريعي حاصِل ڪري سگھجن ٿيون، يعني جيڪڏهن ماڻهن جي دِلين ۾ خوفِ خُدا پيدا ٿي وڃي ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! ان جي برڪت سان حق تلفيون به ختم ٿي وينديون ۽ خير خواهي جو جذبو به پيدا ٿي ويندو۔ اچو! هن ڳالھ کي ٻن وَاقعن جي روشني ۾ سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا: