Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

مفتيءِ اَعظَم هند رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ خير خواهي جو جذبو

هڪ ڀيري رَئِيسُ القلم، عَلَّامه ارشَدُ القادري صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شهزادي حُضُور مفتيءِ اعظم هند مولانا مصطفيٰ رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پنهنجي مدرسي مدرسه فَيضُ العُلُوم ۾ اچڻ جي دعوت پيش ڪئي، حُضُور مفتيءِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيا، واپسي تي ريلوي اسٽيشن وڃڻ جي لاءِ حُضُور مفتيءِ اعظم هند رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه رڪشي ۾ ويٺا ئي هئا ته اتي هڪ شخص حاضِر ٿي عرض ڪيو: حُضُور! فلاڻي پريشاني ۾ مبتلا آهيان، تعويذ عطا فرمايو، علامه ارشد القادري صاحب ان شخص کي فرمايو. گاڏيءَ جو ٽائيم ٿي چُڪو آهي ۽ توهان هاڻي تعويذ جي لاءِ پيا عرض ڪيو! حضور مفتيءِ اعظم هند رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه علَّامه ارشد القادري صاحب کي روڪيو۔ عَلَّامه صاحب عرض ڪيو حضور! گاڏي نڪري ويندي، ان تي حضور مفتيءِ اعظم هند خوفِ خدا سان سرشار ٿي فرمايائون،” نڪري وڃڻ ڏي، ٻي ٽرين ۾ هليو ويندس، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن خداوندِ ڪريم پُڇي ورتو ته تو منهنجي فلاڻي ٻانهي جي پريشانيءَ ۾ مدد ڇو نه ڪئي؟ ته مان ڪهڙو جواب ڏيندس!“ اهو فرمائي ڪري رڪشي مان سڄو سامان لاٿائون۔ ([1])

خیالِ خاطِرِ احباب چاہئے ہر دَم               انیسؔ ٹھیس نہ لگ جائے آبگینے کو

اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! حُضُور مفتيءِ اعظم هند رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خوفِ خُدا وارا هئا، کين قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيشي جو خوف هو، پاڻ هڪ ڏُکايل مسلمان جي خير خواهي جي لاءِ گاڏي نڪري وڃڻ ته پسند ڪيائون پر ان جي دِلجُوئي ڪرڻ بغير وڃڻ پسند نه ڪيائون۔ هاڻي غور ڪيو! مسلمان ڀائرن جي خير خواهي جو اهو جذبو جيڪر اسان کي نصيب ٿئي ته اسان جو مُعَاشرو ڪيترو حَسِين ۽ خوبصُورت ٿي ويندو، جھيڙو جھٽو ختم ٿي


 

 



[1]...فیضانِ سُنَّت، صفحہ:111۔