Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

خوفِ خُدا جي سبب  بيهوش  ٿي ويا

حضرت مِسعَر بن ڪِدَام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي، هڪ ڏينهن اسان امامِ اعظم سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته بي خيالي ۾ امامِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مُبارَڪ پير هڪ ڇوڪري جي پَير تي اچي ويو، ڇوڪري اوچتو رڙ ڪئي ۽ اُن جي واتان بي اختيار (اهو جملو) نڪتو: یَا شَیْخُ اَلَا تَخَافُ الْقِصَاصَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ يعني سائين! ڇا اوهان قِيامت جي ڏينهن ورتي ويندڙ انتِقامِ خُداوندي کان نٿا ڊڄو؟  اهو ٻڌي امامِ اعظم تي خوفِ خدا طاري ٿي ويو ۽ بيهوش ٿي زمين تي تشريف فرما ٿيا، ۔ (اشکوں کی برسات، صفحہ:17)

پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪيو! امامِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مبارڪ پير بي خيالي ۾ ان ڇوڪري جي پير تي آيو، ڄاڻي واڻي پاڻ ائين نه ڪيائون، ان ڇوڪري جي واتان به بي خيالي ۾ جملو نڪتو پر ان جملي ۾ قيامت جي ڏينهن بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضِري جو ذِڪر هو، امامِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي جيئن بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضِري جو خيال آيو، کين ڏڪڻي وٺي وئي ۽ بيهوش ٿي زمين تي اچي ويا. غور فرمايو! جيڪو ٻانهو ايترو الله پاڪ کان ڊڄندو هجي، ڇا هو ڪنهن جي حق تلفي ڪندو؟ ڇا هو ڪنهن کي گاريون ڏيندو؟ ڇا هو ڪنهن جي رقم ڦٻائيندو؟ ڇا هو ڪنهن کي ناحق ستائيندو؟ ڇا هو ٻين جي ننڊ خراب ڪندو؟ ڇا هو ٻين جي برائي ڪندو؟ هر گز نه، بلڪ جيڪو خوفِ خُدا وارو هوندو اهو هر گھڙي ٻين جي حقن جو خيال رکندڙ هوندو۔ معلوم ٿيو ته جيڪڏهن اسان کي خوفِ خُدا جي نعمت نصيب ٿي وڃي ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! مُعَاشَري مان جُرم ۽ حق تلفيون بلڪل ختم ٿي وينديون۔

عطا ہو خوفِ خُدا خُدارا، دو الفتِ مصطفےٰ خُدارا      کروں عمل سنتوں پہ ہر دَم امامِ اعظم ابوحنیفہ([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:573۔