Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

* ان جي لاءِ قرآنِ ڪريم جي تِلاوت جو معمول بڻايو، خاص ڪري اهي آيتون جن ۾ الله پاڪ جي عذاب جو، جهنّم جو، قيامت جو ذِڪر آهي، اُنهن آيتن جو ترجمو ۽ تفسير پڙھي ذِهن ۾ ويهاري خوب توجھ سان هرهر اُنهن آيتن جي تلاوت ڪجي * احاديث ۾ خوفِ خُدا جو بيان آهي، اهڙيون حديثون پڙھجن * خوفِ خُدا تي مشتمل ڪتابن جو مطالعو ڪجي * خوفِ خُدا رکڻ وارن بزرگ سڳورن جي سيرت پڙھجي * شيڊول ٺاهي روزانو يا گھٽ مان گھٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو قبرستان حاضِري ڏني وڃي، اتي فاتحه شريف به پڙھي وڃي گڏوگڏ هن ڳالھ تي غور به ڪيو وڃي ته جلد مون کي به قبر ۾ لهڻو آهي، ان وقت منهنجي بيوسي جو عالَم ڇا هوندو؟ پوءِ قبر جي مُعَاملن تي غور به ڪيو وڃي * دِل ۾ خوفِ خُدا پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٻيو مدني گل جيڪو امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تعليمات مان حاصِل ٿيو آهي اهو هي ته خوفِ خُدا جي درجن جو لحاظ ڪيو وڃي، امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهاج العابدين ۾ خوفِ خُدا کي خَطَرات (خيالات) ۾ شُمار ڪيو آهي يعني خوفِ خُدا دِل ۾ پيدا ٿيندڙ خيالن مان آهي، اهو خوفِ خُدا جو ابتدائي درجو آهي، مطلب هي آهي ته شروع ۾ خوفِ خُدا صرف هڪ خيال جيان ٿيندو آهي، دِل ۾ آيو ۽ ختم ٿي ويو، ڪڏهن اوچتو قبر جو خيال اچي ويو، ڪڏهن قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِري جو خيال اچي ويو، ڪڏهن جهنّم جو خيال آيو، اهي خيال ڪجھ سيڪنڊن جا هوندا آهن ۽ اهي خيال خوفِ خُدا جي باري ۾ پڙهڻ، خوفِ خُدا جي باري ۾ بيانات وغيره ٻڌڻ سان حاصل ٿيندا آهن، پوءِ جڏهن اهي خيال دِل ۾ اچڻ لڳن ته پوءِ ضروري آهي ته هنن خيالن کي دِل ۾ ويهاريو وڃي، مثال طور روزانو رات جو اڪيلائي ۾ ويهي قبر ۽ آخرت جو تصور ڪيو وڃي، بار بار قبرستان حاضِري ڏني وڃي ايئن بار بار خوفِ خُدا وارن خيالات جو تصور ڪرڻ سان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! آهسته آهسته اهي خيالات دِل ۾ پڪا ٿي ويندا، پوءِ اهو ئي خوفِ خُدا محض خيال نه بلڪ صِفَّت بڻجي ويندو، اهو خوفِ خُدا جو اهو درجو آهي جنهن کي امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه احياءالعلوم ۾ مقامِ خوف چيو آهي۔