Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay
سجدو ڪيو اهي مَسعُود (يعني سَعَادت مند ٿيا) ۽ جن ٻي حڪم تي سجدو ڪيو اهي مَحمُود (يعني ساراھ لائق) ٿيا پر جن الله پاڪ جو حڪم نه مڃيو، ٻئي دفعا سجدو نه ڪيائون اهي دُنيا ۽ آخرت ۾ نقصان ۾ رهيا۔ ايترو فرمائڻ کان پوءِ شيخ الاسلام حضرت بهاء الدين زڪريا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فڪرمندي ٿي چيو: پٽ! مون کي خبر ناهي ته مان ڪهڙي گروھ ۾ هئس، هاءِ! جيڪڏهن منهنجو به شُمار نقصان کڻڻ وارن مان ٿيو ته منهنجو ڇا ٿيندو..؟
آج بنتا ہوں معزز جو کھُلے حشر میں عیب آہ! رُسوائی کی آفت میں پھنسوں گا یارَبّ!
گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی ہائے میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یارَبّ!
دَرْدِ سَر ہو یا بُخار آئے تَڑپ جاتا ہوں میں جہنّم کی سزا کیسے سہوں گا یارَبّ!
عَفْو کر اور سدا کے لئے راضی ہو جا گر کرم کر دے تَو جنّت میں رہوں گا یارَبّ! ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بهاء الدين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪامِل ولي هئا ۽ سندن پوٽا حضرت شاھ رُڪنِ عالم به پيدائشي طَور تي وِلايت واري درجي تي فائِز هئا، الله پاڪ کين قُطبِيتِ عُظمٰي جو درجو عطا ڪيو هو، جڏهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڏاڏا سائين حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خوفِ خُدا وارا جملا ٻڌا ته اَدب سان عَرض ڪيائون: ڏاڏا محترم! اوهان تسلي رکو! اوهان جو رُوح مبارڪ مُخلِصن مان آهي، اوهان ان گروه مان آهيو جن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سجدو ڪيو هو، پيدائشي ولي، حضرت شاه رُڪنِ عالَم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڏاڏي سائين جي تسلي جي لاءِ وڌيڪ ڪجھ ڳالهيون به ڪيون، جن کي ٻڌي حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ٿوري تسلي ٿي ۽ پاڻ عاجزي ۽ انڪساري سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ شڪر جو سجدو ادا ڪيو، پوءِ ٻاهر تشريف فرما ٿي مُرِيدن کي شَربتِ ديدار سان مشرف فرمايو۔ (فیضان بہاء الدین زکریا ملتانی، صفحہ:44-45بتغیر قلیل)
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد