Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat
هڪ بزرگ رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا ته ” اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه مون کي خـواب ۾ تاجدار رسالت شهنشاهِه نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ٿي ته مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا توهان کي مسلمانن جو هر سال توهان جي ولادت مبارڪ جون خوشيون ملهائڻ پسند ايندو آهي؟ ارشاد فرمايائون: جيڪو اسان کان خوش ٿيندو آهي اسان به ان کان خوش ٿيندا آهيون. (تذڪرۃُ الواعظِين، ص۶۰۰ )
خدا کی رِضا چاہتے ہیں دو عالَم
خدا چاہتا ہے رِضائے محمد
شعر جي وضاحت: ٻئي جھان خُدا عَزَّوَجَلَّ جي رِضا ۽ خوشنودي جا طلبگار آهن ۽ خُدا عَزَّوَجَلَّ پنهنجي مَحبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا چاهي ٿو. روزِ محشر ربّ عَزَّوَجَلَّ اوّلين ۽ آخرين کي گڏ ڪري حضورِ اقدسصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندو: ”کُلُّھُمْ يطْلُبُوْنَ رِضَائِي وَاَنَااَطْلُبُ رِضَاک يامُحَمَّدْ“ هي سڀئي منهنجي رضا چاهن ٿا ۽ اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان توهان جي رضا چاهيان ٿو۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد
حضرتِ سَيدُنا شيخ عبدُالحقّ مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي رات خوشي ملهائڻ وارن جي جزا هي آهي ته الله تعاليٰ انهن کي فضل ۽ ڪرم سان جَنّٰتُ النَّعِيم ۾ داخل فرمائيندو، مسلمان هميشه کان محفلِ ميلاد منعقد ڪندا آيا آهن ۽ ولادت جي خوشيءَ ۾ دعوت ڏيندا، کاڌا پچائيندا ۽ خوب صدقا ۽ خيراتون ڏيندا آيا آهن خوب خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن ۽ دل کولي خرچ ڪندا آهن ۽ سرڪارمدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ با سعادت جي ذڪر جو اهتمام ڪندا آهن ۽ پنهنجن گهرن کي